نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عملي لاڳو تي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عملي لاڳو تي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عملي لاڳو تي ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جي معيشت جي نشاندهي ٿيل شعبن ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

مزید خبریں