مالي شعبي جي جدت ،مالي استحڪام ۽ ضابطاجاتي نگراني وچ ۾ توازن قائم رکڻ جو ڪوشش ڪري رهيا آهيون: ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي شموليت ۽ جديد مالي اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جدت، مالي استحڪام ۽ ضابطا جاتي نگراني وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن گلوبل پيو مينٽ نيٽ ورڪ ويزا  جي وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي مرڪزي يورپ، …

اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي شموليت ۽ جديد مالي اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جدت، مالي استحڪام ۽ ضابطا جاتي نگراني وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اها ڳالهه هن گلوبل پيو مينٽ نيٽ ورڪ ويزا  جي وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد جي اڳواڻي مرڪزي يورپ، اوڀر ايشيا ۽ آفريقا لاءِ ويزا  جو علائقائي صدر طارق محمود ڪري رهيو هو. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي مالياتي شعبي سان ويزا جي لڳاتار شموليت ۽ سهڪار جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻن ، جاري معاشي استحڪام جي ڪوششن ۽ پائيدار جامع اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب وفد کي عالمي مالياتي سهڪار سان جاري پروگرام تحت ٿيل اڳڀرائي ،عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين پاران حاصل ٿيل پرڏيهي توثيق ۽ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا کان آگاهه ڪندي چيو ته ان ايجنڊا ۾ ٽيڪس ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ بهتري، عوامي قرضن جي انتظام ۽ نجڪاري شامل آهن، نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي. ڌرين پاڪستان ۾ ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل بنيادي ڍانچي، ادائيگين جي نظام ۽ حڪومتي ادائيگين جي ڊجيٽائيزيشن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊجيٽلائيزيشن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ وزيراعظم پاڻ ان ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي ته جيئن حڪومت جي سمورن شعبن ۾ جامع ۽ هم آهنگ عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن جاري قدمن جو خاڪو پيش ڪيو، جن ۾ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جو قيام، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تحت ادائيگين جي نظام ۾ سڌارن ۽ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي وصولين ۽ خرچن جي ڊجيٽائيزيشن جون ڪوششون شامل آهن. ويزا جي وفد پاڪستان ۾ بينڪن، فِن ٽيڪ ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل حصيدارن سان پنهنجي رابطن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته معاشي استحڪام سبب اعتماد ۾ اضافو ٿيو ۽ ڊجيٽل ادائيگيون، مالي شموليت ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي. ڳالهين ۾ روڪ رقم جي استعمال ۾ گهٽتائي، فراڊ کان بچاءُ، ننڍن ۽ نينو ڪاروبارن جي مدد ڪرڻ، ڪيو آر ۽ ٽيپ ٽو فون حل ۽ خاص طور تي ٻي ۽ ٽئين درجي جي شهرن ۾ ادائيگي قبول ڪرڻ جي انفرااسٽرڪچر کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي به ڳالهه ڪئي وئي. وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ادائيگي جي مختلف ذريعن ۾ چونڊ ۽ چٽاڀيٽي برقرار رکڻ، جدت کي هٿي ڏيڻ، خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر انتظام ۽ صارفين ۽ واپارين لاءِ بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم آهي. ملاقات ۾ اڀرندڙ شعبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جن ۾ مٽاسٽا جو ناڻو، اي ڪامرس، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت سياحت دوران ٿيل خرچن ۽ ضابطه شده فريم ورڪ تحت بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل اثاثن جهڙي نئين ٽيڪنالاجيز جو امڪاني استعمال شامل آهن. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان انهن اڳڀرائين جو غور سان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ جدت، مالي استحڪام ۽ ضابطا جاتي نگراني وچ ۾ توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن عوامي قرضن، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ حڪومتي ادائيگين سميت امڪاني استعمال جي مختلف رخن تي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ڌرين حڪومتي ادائيگين جي ڊجيٽائيزيشن ۽ مالي شموليت جي قدمن جي حوالي سان فني تعاون ۽ علم جي مٽاسٽا سميت مسلسل حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جي ڊجيٽل ادائيگين جي نظام، وسيع تر اقتصادي سڌارا، ترقي جي ايجنڊا جي حمايت لاءِ ويزا، ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ضابطه ڪار ادارن وچ ۾ ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکي ويندي.

مزید خبریں