اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آھي ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ مسلسل بھتري آئي، جنھن جو اظھار بھتر ميڪرواڪنامڪ اهڃاڻن ۽ خانگي شعبي جي مضبوط رابطن سان ٿيو آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي ۾ آمريڪن بزنس ڪائونسل جي آفيس ۾ ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. واپار واري وفاقي وزير چيو …
پاڪستاني معيشت ۾ مسلسل بھتري آئي جنھن جو اظھار بھتر ميڪرواڪنامڪ اهڃاڻن ۽ خانگي شعبي سان مضبوط رابطن سان ٿيو آھي: واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آھي ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ مسلسل بھتري آئي، جنھن جو اظھار بھتر ميڪرواڪنامڪ اهڃاڻن ۽ خانگي شعبي جي مضبوط رابطن سان ٿيو آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي ۾ آمريڪن بزنس ڪائونسل جي آفيس ۾ ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. واپار واري وفاقي وزير چيو ته معاشي بحالي جو عمل جاري آھي ۽ اڄ جي صورتحال اڍائن کان 03 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ نمايا طور بھتر آھي. ھن چيو ته پاڪستان ھن وقت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرام جو حصو آھي، جنھن تحت حڪومت کي نظم و ضبط قائم ڪرڻو ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا. ڄام ڪمال خان چيو ته تازن سالن ۾ پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن ۾ مجموعي طور بھتري آئي آھي. ھن ٻڌايو ته وياج جي شرح 22.5 سيڪڙو کان گھٽجي 10.5 سيڪڙو تي اچي وئي آھي جڏھن ته مھانگائي 38 سيڪڙو مان گھٽجي سنگل ڊجٽس تائين اچي وئي آھي، اھڙي طرح پرڏيھي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به اضافو ٿيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي به بھتر رھي. واپار واري وزير چيو ته وزيراعظم محمد شھباز شريف ۽ ان جي سموري ٽيم خانگي شعبي سان مسلسل رابطي ۾ آھي. ھن چيو ته حڪومت طرفان قائم سمورن گڏيل ورڪنگ گروپس جي سربراھي خانگي شعبي جا نمائندا ڪري رھيا آھن، جيڪي معاشي پاليسي ۾ شراڪت جي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿي. ان موقعي تي آمريڪن بزنس ڪائونسل جي صدر اڪرم ولي محمد واپار واري وزير جو شڪريو ادا ڪندي اجلاس کي فائديمند قرار ڏنو. ھن چيو ته ڪاروباري برادري مطمئن آھي ته پاڪستان درست رخ ۾ اڳتي وڌي رھيو آھي. اڪرم ولي محمد چيو ته ڪجھه عرصو اڳ ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جا خدشا عام ھئا، جڏھن ته ھاڻي اھڙا خدشا نه آھن. ھن چيو ته آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي معاشي مستقبل جي حوالي سان پراميد آھي.











