اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته سيڙپڪار، استحڪام، سڌارن، سيڙپڪاري جي تسلسل ۽ وچولي مدي جي معاشي امڪانن تي وڌيڪ اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مختلف سياسي دورن ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي مان واضح پيغام ملي ٿو …
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي سٺو سنئوڻ آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ تيزي مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته سيڙپڪار، استحڪام، سڌارن، سيڙپڪاري جي تسلسل ۽ وچولي مدي جي معاشي امڪانن تي وڌيڪ اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مختلف سياسي دورن ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي مان واضح پيغام ملي ٿو ته مارڪيٽون گوڙ ڪرڻ يا سياسي نعرن کي نه پر استحڪام، سڌارن جي رفتار ۽ اعتماد جوڳي پاليسي جي رخ کي انعام ڏينديون آهن. هن چيو ته 2023ع کان 2025ع تائين ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ رٽرن جي شرح آمريڪي ڊالر ۾ 161 سيڪڙو ۽ پاڪستاني ڪرنسي ۾ 190 سيڪڙو، 2019ع کان 2022ع تائين آمريڪي ڊالر ۾ 32 سيڪڙو ۽ پاڪستاني ڪرنسي ۾ 11 سيڪڙو، 2013ع کان 2017ع تائين آمريڪي ڊالر ۾ 95 سيڪڙو ۽ پاڪستاني ڪرنسي ۾ 109 سيڪڙو ۽ 2008ع کان 2013ع تائين آمريڪي ڊالر ۾ 37 سيڪڙو ۽ پاڪستاني ڪرنسي 73 سيڪڙو رهي. هن چيو ته گذريل ٽي سال ٻن ڏهاڪن ۾ سڀ کان نمايان ڪارڪردگي وارا رهيا جن ۾ آمريڪي ڊالر جي بنياد تي رٽرن ۾ 161 سيڪڙو ۽ پاڪستان روپئي ۾ 190 سيڪڙو اضافو ٿيو، هي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ جي ڊگهي ۽ طاقتور دورن مان هڪ آهي، اها ڪارڪردگي سيڙپڪارن طرفان هڪ واضح ري ريٽنگ جي عڪاسي ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ معاشي استحڪام، سڌارن واري عمل جي اڳڀرائي، مالياتي ۽ پرڏيهي کاتن ۾ بهتري، آزاد عالمي توثيق ۽ پائيدار ترقي ۽ سيڙپڪاري جي ڀيٽ ۾ واضح ۽ قابل عمل منظرنامي کي قيمتن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بنيادي معاشي عمل به ان تيزي کي سهارو ڏنو، جتي ڪارپوريٽ آمدني گذريل 9 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي اٽڪل 14 سيڪڙو وڌي، 2026ع ۾ 16 کان وڌيڪ نئين لسٽنگز متوقع آهن جنهن سبب اها تيزي سيڙپڪارن جي شموليت، ليڪيوڊيٽي ۽ وڌندڙ مارڪيٽ سگهه سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، هي سڀ هڪ مستحڪم ٿيندڙ ڪيپيٽل مارڪيٽ جون نمايان نشانيون آهن. هن چيو ته ان ڏس ۾ ناڻي واري وزير جي وقت سر ڪوششن تحت ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ ڪائونسل جو قيام هڪ مثبت ۽ درست رخ ۾ کنيل قدم آهي، ان جو مقصد شين جي ترقي، ريگوليٽري سهولت، سيڙپڪارن ۽ جاري ڪندڙن لاءِ مراعتون، ٽيڪس هم آهنگي ۽ مارڪيٽ انفرا اسٽرڪچر جهڙن شعبن ۾ سڌارن ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي گهرو ڪرڻ آهي جيڪو عالمي بهترين روايتن تي ٻڌل هجي ته جيئن پاڪستان جي سيڙپڪار مارڪيٽن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ۽ پائيدار معاشي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي مضبوط ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هاڻي خطي ۾ ايم ايس سي آءِ فرنٽيئر مارڪيٽس جي دائري ۾ ٻيو بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي جيڪو ان ڳالهه کي سگهه ڏئي ٿو ته اها تيزي رڳو مقامي جوش ناهي پر هڪ نسبتي ۽ عالمي سطح تي نئين سر جائزو آهي. هن چيو ته مارڪيٽس سياست جون اڳڪٿيون ناهن ڪنديون، هو اعتماد جي قيمت لڳائينديون آهن، انگ اکر طاهر ڪن ٿا ته اڄ سيڙپڪار جو گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به مرحلي جي ڀيٽ ۾ استحڪام، سڌارن، سيڙپڪاري جي تسلسل ۽ وچولي مدي جي معاشي امڪانن تي وڌيڪ اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن.











