اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن 100 انڊيڪس 569 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 87 هزار 87 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شاندار تيزي ڏٺي وئي هئي جتي 100 انڊيڪس 1456 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 86 هزار 518 پوائنٽس تي بند ٿيو …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 569 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 87 هزار 87 پوائنٽس تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن 100 انڊيڪس 569 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 87 هزار 87 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شاندار تيزي ڏٺي وئي هئي جتي 100 انڊيڪس 1456 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 86 هزار 518 پوائنٽس تي بند ٿيو هو. ماهرن مطابق اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تازي تيزي جو وڏو سبب معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري، مهانگائي ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح ۾ امڪاني نرمي جي اميد ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جا امڪان شامل آهن. ان کان علاوه بئنڪنگ، توانائي ۽ آئل اينڊ گيس جي شعبن ۾ خريداري جو رجحان به مارڪيٽ کي سهارو ڏئي رهيو آهي.











