روانگي واپار تي ٻڌل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار خاص طور تي زرعي برآمدات ۾ اضافي ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، برآمد ڪندڙن کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اداراجاتي سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس …

اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار خاص طور تي زرعي برآمدات ۾ اضافي ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، برآمد ڪندڙن کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اداراجاتي سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس ري فنڊ جي حوالي سان ڪا ڪوتاهي قبول نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته چانور جي برآمدات ۾ اضافي جي حوالي سان رائيس ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙي وڃي، برآمد ڪندڙن کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اداراجاتي سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس ري فنڊ جي حوالي سان ڪا ڪوتاهي قابل قبول نه آهي. اجلاس کي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪومتي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع تائين جا واپاري انگ اکر پيش ڪيا ويا. اجلاس کي هاءِ ويليو سيڪٽرز انجنيئرنگ، دوائن، ميڊيڪل ڊيوائسز ۽ پراسيسڊ فوڊ جي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي روانگي واپار کي گلوبل ويليو چين جو حصو بڻائڻ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي، برآمد ڪندڙن کي سهولت ڏيڻ جي حوالي سان ملڪ ۾ پورٽس ۽ لاجسٽڪس جي نظام ۾ بهتري آندي پئي وڃي ۽ چانور جي برآمدات جي حوالي سان ڪيترن ئي ملڪن سان گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ معاهدن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

مزید خبریں