گهرو معاملن واري وفاقي وزير جي بيجنگ ۾ چين جي هم منصب سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن، دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ

بيجنگ-07 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيجنگ ۾ چين جي هم منصب وانگ زاو هونگ سان اهم ملاقات ڪئي. چين جي پبلڪ سيڪيورٽي واري وزارت جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي چيني گهرو وزير وفد سان گڏ پاڪستاني هم منصب محسن نقوي جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ساڍا ٽي ڪلاڪ  جاري ملاقات ۾ پاڪ- چين ٻه طرفن لاڳاپن، دهشتگرديءَ بابت گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي …

بيجنگ-07 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيجنگ ۾ چين جي هم منصب وانگ زاو هونگ سان اهم ملاقات ڪئي. چين جي پبلڪ سيڪيورٽي واري وزارت جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي چيني گهرو وزير وفد سان گڏ پاڪستاني هم منصب محسن نقوي جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ساڍا ٽي ڪلاڪ  جاري ملاقات ۾ پاڪ- چين ٻه طرفن لاڳاپن، دهشتگرديءَ بابت گڏيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دهشتگرديءَ جي خاتمي، پوليس ٽريننگ، ايڪسچينج پروگرام ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ حصيداري وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جي هر ٽن مهينن کانپوءِ ميٽنگ ڪوٺائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته گهرو وزيرن جي سطح تي هر سال هڪ ڀيرو ملاقات ٿيندي. ٻنهي گهرو وزيرن ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. چيني گهرو وزير چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ محسن نقوي ۽ ان جي ٽيم جو ٿورو مڃيو. چيني گهرو وزير دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ داخلي سيڪيورٽيءَ بابت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. چيني گهرو وزير چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي ۽ ڏوهن خلاف گڏيل ۽ فوري ردِعمل جي نظام کي مؤثر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ـ پوليس جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ ٽريننگ ايڪسچينج پروگرام جي دائري ڪار کي به وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ اسلام آباد ۽ بيجنگ سسٽر سٽيز جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي وزيرن وچ ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي تربيت ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ گڏيل حڪمت عمليءَ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو معاملن واري وفاقي وزير تربيت ذريعي ٻنهي ملڪن جي پوليس ۽ ادارن وچ ۾ تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو. گهرو وزير محسن نقوي چائينز جي سيڪيورٽيءَ لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. محسن نقوي چيو ته چيني شهرين ۽ گڏيل مفادن جي منصوبن جو تحفظ پهرين ترجيح آهي. چائينز جي سيڪيورٽيءَ لاءِ هر سطح تي مضبوط قدم کنيا ويا آهن. چائينز جي سيڪيورٽيءَ لاءِ اسلام آباد ۾ خصوصي پروٽيڪشن يونٽ بڻائي رهيا آهيون. سائبر ڪرائيمز جي روڪٿام لاءِ چيني تعاون جي آجيان ڪنداسين. نيشنل سائبر ڪرائيمز انويسٽيگيشن ايجنسي جي سگهه وڌائڻ لاءِ چيني ادارن جي معاونت مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ چيني اي آءِ بيسڊ ٽيڪنالاجي مان تمام گهڻي مدد ملي سگهي ٿي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار سهڪار جو اڻمٽ رشتو آهي ۽ ڪوبه ان ۾ ڏارون نٿو وجهي سگهي. سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ پائيدار تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. گهرو وزير محسن نقوي چيني هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. محسن نقوي، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان چيني صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. چيني گهرو وزير پاڪستاني هم منصب کي سيپٽمبر ۾ چين ۾ ٿيندڙ گلوبل سيڪيورٽي تعاون فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين  اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. 2026ع جي شروعات ۾ پاڪستاني گهرو وزير کي ڀليڪار چوندي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. پاڪستان سان هر سطح تي ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ تيار آهيون. چيني گهرو وزير پاڪستاني هم منصب ۽ وفد جي مانُ ۾ دعوت ڏني. چين جي نائب گهرو وزير سو ڊيٽونگ، نائب وزير يوشيوهو، بيجنگ جي ڊپٽي ميئر ۽ بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي بيورو جي ڊي جي ڪن يونبيا، وزارت پبلڪ سيڪيورٽي جنرل آفيس جي ڊي جي گوڪان، دهشتگرديءَ جي خاتمي جي کاتي جي ڊي جي گاوڪيو ۽ بين الاقوامي تعاون واري کاتي جو ڊي جي وانگ يونگ به ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں