پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪو رابطو نه ٿي سگهيو، اسان جا اتحادي واضح طور تي ڳالهين جي حق ۾ آهن: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪو رابطو اهي ٿي سگهيو، اسان جا اتحادي واضح طور تي ڳالهين جي حق ۾ آهن، ملڪ کي بهتر انداز سان هلائڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اسپيڪر جي چيمبر ۾ ايندي …

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪو رابطو اهي ٿي سگهيو، اسان جا اتحادي واضح طور تي ڳالهين جي حق ۾ آهن، ملڪ کي بهتر انداز سان هلائڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اسپيڪر جي چيمبر ۾ ايندي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پهريان ٽورنامينٽ جو اعلان ٿيندو آهي پوءِ ٽيمون جڙنديون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌُر جي ليڊر جو معاملو اسپيڪر کي حل ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ پنهنجون گذارشون اسپيڪر آڏو رکي ته معاملو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڪوبه معاملو اهڙو ناهي جيڪو ڳالهين ذريعي حل نه ٿئي، ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ کي سنجيدگي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. پي ٽي آءِ پاڻ مونجهاري جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ جا ٻه ڌڙا ڌار ڌار ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڳالهيون پنهنجي باني جي هدايت تي ڪندي.

مزید خبریں