اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي ۾ صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ جاري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ڪي پي ڪي جي گورنر صوبي ۾ صحت جي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ وفاقي …
ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صحت واري وفاقي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪي پي ڪي ۾ صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ جاري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه گورنر هائوس مان جاري بيان موجب ڪي پي ڪي جي گورنر صوبي ۾ صحت جي سهولتن جي بهتريءَ لاءِ وفاقي حڪومت جي تعاون جي اهميت ۽ ضم ٿيل ضلعن سميت صوبي جي پُٺتي پيل ضلعن ۾ جديد علاج جي سهولتن لاءِ طبي منصوبن جي شروعات جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي صحت واري وفاقي وزير ڪي پي ڪي ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ صحت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. سڄي ملڪ مان بيمارين جي خاتمي لاءِ وفاق صوبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته وڏين اسپتالن تي مريضن جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. پرائمري هيلٿ ڪيئر کي ڊجيٽل هيلٿ ذريعي مضبوط بڻايو پيو وڃي ۽ ٽيلي ميڊيسن نظام جي شروعات ڪئي وئي آهي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عوام کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام ۾ به ڪي پي ڪي کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته صوبي جي پُٺتي پيل ضلعن جو عوام اڄ به علاج لاءِ پشاور جو رُخ ڪري ٿو. صوبي جي ضم ٿيل ضلعن ۽ ڏاکڻن ضلعن ۾ جديد سهولتن تي ٻَڌل اسپتالن ۽ طبي عملي جي ضرورت آهي.











