اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جو قيام باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ محنت، پختي عزم، سياسي بصيرت ۽ مدبراڻي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، پاڪستان جو قيام رڳو هڪ زمين جو خطو حاصل ڪرڻ نه آهي پر ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي هڪ ڊگهي جدوجهد جي تڪميل هئي جنهن جي قيادت قائداعظم محمد علي جناح نهايت …
پاڪستان جو قيام باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ محنت، پختي عزم، سياسي بصيرت ۽ مدبراڻي حڪمت عملي جو نتيجو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جو قيام باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ محنت، پختي عزم، سياسي بصيرت ۽ مدبراڻي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، پاڪستان جو قيام رڳو هڪ زمين جو خطو حاصل ڪرڻ نه آهي پر ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي هڪ ڊگهي جدوجهد جي تڪميل هئي جنهن جي قيادت قائداعظم محمد علي جناح نهايت ڏاهپ ۽ دور انديشي سان ڪئي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته قائداعظم هڪ عظيم ڏاهو، قانوندان ۽ بي مثال اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي ذهانت، اصول پسندي ۽ ثابت قدمي سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪيو. هن نه رڳو غريب ۽ پٺتي پيل مسلمانن جو آواز بلند ڪيو پر ان وقت جي سمورن مسلمان اڪابرن ۽ اڳواڻن کي گڏ ڪري هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جمهوري رياست جو قيام ممڪن بڻايو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريي جي بنياد تي مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي تصور کي عملي شڪل ڏني، جتي سمورن شهرين کي بنا ڪنهن مذهبي فرق، رنگ ۽ نسل جي هڪجهڙا حق ۽ مڪمل مذهبي حاصل هجي. اهو ئي ويزن هو جنهن پاڪستان کي هڪ جديد ۽ فلاحي رياست بڻائڻ جو بنياد رکيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پوري قوم پاڪستان جي باني جي عظيم قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ هميشه سندس ٿورائتي رهندي. قائداعظم جي دور انديش قيادت قوم کي اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جهڙا سنهري اصول ڏنا جيڪي اڄ به اسان جي قومي ترقي ۽ استحڪام جي ضمانت آهن. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته اسان کي پاڪستان جي باني جي فڪر جي روشني ۾ ذاتي، گروهي ۽ سياسي اختلافن کي پٺتي رکي امن، جمهوريت، برداشت، ترقي پسنداڻي سوچ کي هٿي ڏيڻي پوندي ته جيئن پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ مستحڪم رياست بڻائي سگهجي.











