راولپنڊي - 01 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان هڪ تفصيلي ۽ خاص انٽرايڪٽو ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي سلامتي، ڊجيٽل ميڊيا جي اڀرندڙ چئلينجز ۽ موجوده ملڪي صورتحال جي حوالي سان شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا. سڌيءَ …
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپندي آمد، شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان خاص ويهڪ، قومي معاملن ۽ ڊجيٽل چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
راولپنڊي – 01 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي هن شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان هڪ تفصيلي ۽ خاص انٽرايڪٽو ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر قومي سلامتي، ڊجيٽل ميڊيا جي اڀرندڙ چئلينجز ۽ موجوده ملڪي صورتحال جي حوالي سان شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا. سڌيءَ ريت سوالن ۽ جوابن جي سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن کي قومي معاملن ۽ دفاعي حڪمت عملي بابت زميني حقيقتون ڄاڻڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو جنهن سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ شڪ ۽ غلط فهميون ختم ٿيون. ويهڪ دوران فيڪٽ چيڪنگ، بيانيه سازي ۽ جديد دور جي گهرجن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي فاطمه جناح يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بشريٰ مرزا خطاب ڪندي چيو ته تعليم جو مقصد رڳو ڊگريون حاصل ڪرڻ يا نصابي سرگرمين تائين محدود هجڻ ناهي پر شاگردن جي تربيت ۽ کين زميني حقيقتن ۽ سچائي کان آگاهه ڪرڻ آهي ۽ اڄ جي سيشن يقيني طور اهو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. شاگردن ۽ استادن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي آمد ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو ٿورو مڃيندي قومي ادارن سان اهڙي فڪري ۽ معلوماتي ويهڪن جو سلسلو برقرار رکڻ تي زور ڀريو.











