مجموعي معيشت جو استحڪام، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ نجڪاري جي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي:  سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مجموعي معيشت جو استحڪام، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ نجڪاري جي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي، سڌارن جو مقصد ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ ۽ معيشت کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اظهار جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مجموعي معيشت جو استحڪام، ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ نجڪاري جي عمل ۾ اهم اڳڀرائي ٿي رهي آهي، سڌارن جو مقصد ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ ۽ معيشت کي سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ آهي. اهڙو اظهار جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ترجيحن ۽ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ گهيرو ڪرڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير برطانوي هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪئي ۽ فني مدد مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا ذريعي پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ڪوششن لاءِ برطانيه جي مسلسل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان استحڪام کان پائيدار، جامع ۽ ذميواراڻي ترقي طرف اڳڀرائي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ پيداواريت، سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ روزگار تي ڌيان آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر سيڙپڪاري، واپار ۽ نجي شعبي جي ترقي لاءِ اداراجاتي ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ جي مقصد سان فني مدد ذريعي پاڪستان جي معاشي تبديلي جي عمل ۾ تعاون جاري رکڻ ۾ برطانيه جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان طرفان 3 ارب آمريڪي ڊالر جا يورو بانڊ ڪاميابي سان جاري ڪرڻ کي به ساراهيو ۽ ان کي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائي جي حوالي سان اهم قرار ڏنو. ڳالهين ۾ پاڪستان جي ترجيحن سان برطانيه جي مدد کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ عملي سڌارن تي ڌيان ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب حڪومت جي 6 اهم ترجيحن ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مستقل بنياد تي قائم رکڻ، استحڪام کان پائيدار، جامع ۽ ذميواراڻي ترقي طرف اڳڀرائي، ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري رکڻ، امداد کان واپار ۽ سيڙپڪاري ڏانهن منتقلي،فنانس تائين رسائي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان کي هڪ نئين معيشت لاءِ تيار ڪرڻ جو خاڪو پيش ڪيو. ڌرين سڌاراجاتي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنهن ۾ مالياتي انتظام، ٽيڪس انتظاميه، ڊجيٽلائيزيشن، خرچن جي موثريت، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، سرڪاري سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. ناڻي واري وزير عملدرآمد ۾ تسلسل کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ ماحول پيدا ڪرڻ لا ادارن وچ ۾ موثر رابطي جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ ريگوليٽري سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ سيڙپڪارن کي سهولت ۽ سيڙپڪاري کان پوءِ مدد، سيڙپڪاري کي موثر طور هٿي ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ اهم ريگيوليٽري ادارن جي ڪارڪردگي شامل آهي.  ناڻي واري وزير ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سييڙپڪارن کي  سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ  حڪومت جي جاري ڪوششن کي اجاگر ڪيو. ترقياتي منصوبن لاءِ نجي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ جي هڪ ذريعي طور پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ناڻي واري وزير پي پي پي ٽرانزيڪشن لاءِ منصوبن جي بهتري تياري، واپاري طور تي قابل عمل ڍانچي ۽ ادارجاتي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. برطانيه طرفان صوبائي سطح سميت لاڳاپيل فني مهارت ذريعي انهن ڪوششن ۾ مدد ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. سينيٽر محمد اورنگزيب مجموعي معيشت جي استحڪام، ڪيپٽل مارڪيٽس ۽ جاري نجڪاري جي عمل تي روشني وجهندي چيو ته انهن سڌارن جو مقصد ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ گنجائش پيدا ڪرڻ ۽ معيشت کي سيڙپڪاري تي ٻڌل ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي طرف وٺي وڃڻ آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر نجي شعبي جي ترقي ۾ برطانوي ڪمپنين ۽ ڊائسپورا نيٽ ورڪ جي ڪردار جي امڪانن کي اجاگر ڪيو، جنهن ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقي ۽ عالمي سطح تي توسيع ۾ مدد پڻ شامل آهي. ٻنهي طرفن کان ايوي ايشن سيڪٽر ۾ موقعن سميت پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز لاءِ امڪاني فنانسنگ ۽ سيڙپڪاري جي مدد تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان معاشي سڌارن، اداراجاتي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ مسلسل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو جنهن ۾ پائيدار ترقي ۽ نجي شعبي جي شموليت جي موقعن کي سگهه ڏيڻ تي گڏيل ڌيان ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں