ڪراچي - 02 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين اوليت ترقياتي رٿائن کي وقت سر پورو ڪرڻ آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 13 هزار کان وڌيڪ اسڪيمون شروع ڪيون، جن مان 9 هزار کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪيون آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 724 ڪلوميٽر روڊن مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ …
سنڌ حڪومت 13 هزار اسڪيمون شروع ڪيون جن مان 9 هزار کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪيون آهن: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي – 02 آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي پهرين اوليت ترقياتي رٿائن کي وقت سر پورو ڪرڻ آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 13 هزار کان وڌيڪ اسڪيمون شروع ڪيون، جن مان 9 هزار کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪيون آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 724 ڪلوميٽر روڊن مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي۔هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌائڻ پڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، اورنج لائن ۽ گرين لائن بي آر ٽي ذريعي لکين ماڻهن کي سفري سهولتون ڏنيون ويون آهن۔هن چيو ته يلو لائن بي آر ٽي ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي جي مختلف تعميراتي حصن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، وڌيڪ نيون اي وي بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون جلد ڪراچي پهچي وينديون۔سندس چوڻ هو ته حڪومت ترقياتي رٿائن کي وقت تي پورو ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي، جيئن عوام کي جلد فائدا ملي سگھن.









