لاڙڪاڻو- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان پاران منشيات جي روڪٿام لاءِ جاري ڪيل واٽس ايپ نمبر ۽ وڊيو پيغام جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ لڳا، شهرين پاران ڏنل اطلاعن تي گٽڪا وڪرو ڪندڙ ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث 18 جوابدارن سميت 22 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا.پوليس ترجمان موجب يونيورسٽي پوليس گڊ روڊ واري علائقي مان گهربل جوابدار نديم ٻگهيو کي بنا لائسنس پسٽل سميت …
لاڙڪاڻو پوليس جون ڪارروايون، 22 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان پاران منشيات جي روڪٿام لاءِ جاري ڪيل واٽس ايپ نمبر ۽ وڊيو پيغام جا بهتر نتيجا سامهون اچڻ لڳا، شهرين پاران ڏنل اطلاعن تي گٽڪا وڪرو ڪندڙ ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث 18 جوابدارن سميت 22 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا.پوليس ترجمان موجب يونيورسٽي پوليس گڊ روڊ واري علائقي مان گهربل جوابدار نديم ٻگهيو کي بنا لائسنس پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، ماهوٽا پوليس دودائي چوڪ واري علائقي مان اشتهاري جوابدار علي حسن ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو.الله آباد پوليس ٻن گهربل جوابدارن فياض ميمڻ، ذيشان ميمڻ ۽ منشيات ۾ ملوث ٻن جوابدارن سمير ۽ صابر کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، علي گوهر آباد پوليس منشيات ۾ ملوث ڇهن جوابدارن عمران، ذوالفقار، خادم، ريحان، نادر ۽ حمير کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو.ڌامراهه پوليس منشيات ۾ ملوث چئن جوابدارن فريد، سميع، سليم ۽ اوشاق کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، ڏوڪري پوليس منشيات ۾ ملوث ٻن جوابدارن غلام عباس ۽ صديق کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو،وليد پوليس منشيات ۾ ملوث ٻن جوابدارن ابراهيم ۽ ضمير کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو.بقاپور پوليس ڏھوٽ واري علائقي مان منشيات ۾ ملوث جوابدار ظهير ڪورائي کي منشيات ۽ شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سچل پوليس قمبر وڳڻ لاڙو واري علائقي مان گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار سهيل چانڊيو کي گٽڪن سميت گرفتار ڪري ورتو آھي.










