آپريشن ردالفتنه3، تحت بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران ڪامياب ڪارروائي، فتنه الهندستان جا 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي- 01 آڪٽوبر(اي پي پي)بلوچستان ۾ تخريب ڪاري جي نيٽ ورڪ خلاف جاري آپريشن ردالفتنه3، تحت سيڪيورٽي فورسز ڪڇي ضلعي جي علائقي سني ۾ ڳجهي اطلاع تي فيصلائتي ڪارروائي ڪندي 6 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو. سيڪورٽي ذريعن مطابق فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جديد ڪواڊ ڪاپٽرز  جي مدد سان انتهائي مهارت سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد موقعي تي مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي …

راولپنڊي- 01 آڪٽوبر(اي پي پي)بلوچستان ۾ تخريب ڪاري جي نيٽ ورڪ خلاف جاري آپريشن ردالفتنه3، تحت سيڪيورٽي فورسز ڪڇي ضلعي جي علائقي سني ۾ ڳجهي اطلاع تي فيصلائتي ڪارروائي ڪندي 6 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪيو. سيڪورٽي ذريعن مطابق فتنه الهندستان جي دهشتگردن کي جديد ڪواڊ ڪاپٽرز  جي مدد سان انتهائي مهارت سان نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد موقعي تي مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ گولابارود هٿ ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ امڪاني ٻين دهشتگردن ، سندن سهولتڪارن ۽ شرپسندن جي مڪمل خاتمي لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.