اسلام آباد- 01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 77 هين سالگره جي موقعي تي چين جي اعليٰ قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنهنجي خاص پيغام ۾ گهرو وزير چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم ۽ پنهنجي هم منصب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ …
وفاقي گهرو وزير پاران عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 77هين سالگره جي موقعي تي چين جي اعليٰ قيادت ۽ عوام کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 77 هين سالگره جي موقعي تي چين جي اعليٰ قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنهنجي خاص پيغام ۾ گهرو وزير چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم ۽ پنهنجي هم منصب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن چيني قوم جي ثابت قدمي ۽ غير معمولي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ته صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چين انساني ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ بي مثال ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، ان جي معاشي، سماجي ۽ عسڪري ميدان ۾ غير معمولي ترقي نه رڳو قابل رشڪ آهي پر خطي جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو اهم ذريعو به آهي. هن پاڪ – چين لاڳاپن تي روشني وجهندي چيو ته ٻئي ملڪ هر موسم جا بااعتماد شراڪتدار آهن ۽ انهن جي گڏيل دوستي وقت جي هر ڏکئي امتحان تي پوري لٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته هماليه جون چوٽيون، سمنڊ جي گهرائي ۽ قراقرم جا رستا ان لازوال رشتي جا گواهه آهن، چين هر بحران، علائقائي ڇڪتاڻ ۽ اندروني چئلينج ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. گهرو وزير قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي قوم جي اڻٿڪ محنت، بي مثال جدت پسندي ۽ ولولا انگيز عزم کي خراج تحسين پيش ڪيو.











