صدارتي ترجمان پاران افغان طالبان حڪومت کي دهشتگردي جي "سروگيٽ مڌر” بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ جو چتاءُ

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي افغان طالبان حڪومت کي دهشتگرد تنظيمن کي محفوظ ٺڪاڻا، تربيت ۽ چرپر ۾ سهولتڪاري وسيلي انهن جي مسلسل مدد ڪرڻ تي خبردار ڪيو آهي. صدارتي ترجمان خميس ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ناجائز طالبان حڪومت اهو سمجهي ٿي ته هُو دهشتگرد تنظيمن جي هڪ گروهه کي محفوظ ٺڪاڻا، …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدارتي ترجمان مرتضيٰ سولنگي افغان طالبان حڪومت کي دهشتگرد تنظيمن کي محفوظ ٺڪاڻا، تربيت ۽ چرپر ۾ سهولتڪاري وسيلي انهن جي مسلسل مدد ڪرڻ تي خبردار ڪيو آهي. صدارتي ترجمان خميس ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن ناجائز طالبان حڪومت اهو سمجهي ٿي ته هُو دهشتگرد تنظيمن جي هڪ گروهه کي محفوظ ٺڪاڻا، تربيت ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪندي دهشتگردي جي "سروگيٽ مڌر” جو ڪردار ادا ڪندي ته عالمي ۽ علائقائي امن ۽ تهذيب جون قوتون کين سرپرائز ڏينديُون، تنهن هُوندي به عالمي ۽ علائقائي امن قوتن پاران اهو سرپرائز "انهن جانورن” جي لاءِ شايد گهڻو خوشگوار نه هُجي. واضح رهي ته صدر جي ترجمان جو اهو بيان پاڪستان پاران افغانستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن ۽ محفوظ پناهگاهن جي خلاف آپريشن غضب للحق جي تسلسل ۾ منظم ۽ جامع هوائي ڪاررواين کانپوءِ سامهُون آيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.