وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي ڀائر عوام کي مبارڪباد

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هن تاريخي ڏينهن تي، پوري پاڪستاني قوم مون سان گڏ چين جي شاندار ڪاميابين ۽ صدر …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ چين جي ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هن تاريخي ڏينهن تي، پوري پاڪستاني قوم مون سان گڏ چين جي شاندار ڪاميابين ۽ صدر شي جن پنگ جي بصيرت واري قيادت ۾ ترقي جي متاثر ڪندڙ سفر کي خراج تحسين پيش ڪندي جشن ملهائي رهي آهي. هن چيو ته هن سال، جڏهن اسان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ فولادي ۽ هر آزمائش تي پُورو لهندڙ جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي اقتصادي ڀائيواري سي پيڪ 2.0 ذريعي مسلسل وڌي رهي آهي، جنهن ۾ زراعت، آئي ٽي ۽ ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ صنعت جي شعبن ۾ تعاون تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته دعا آهي ته پاڪستان ۽ چين سدائين هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل رهن ۽ گڏيل مسقبل رکندڙ پاڪستان-چين سماج جي تعمير لاءِ وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ ترقي ڏانهن مسلسل اڳتي وڌندا رهن.