قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران چين جي 77هين قومي ڏينهن تي چين جي قيادت، نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ عوام کي قومي ڏينهن جون مبارڪون

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  چين جي 77هين قومي ڏينهن تي چين جي قيادت، نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ عوام کي قومي ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته  چين جي عوام جي ثابت قدمي، اتحاد ۽ ناقابل تسخير جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. چين جي صدر شي جن پنگ جي …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق  چين جي 77هين قومي ڏينهن تي چين جي قيادت، نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ عوام کي قومي ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته  چين جي عوام جي ثابت قدمي، اتحاد ۽ ناقابل تسخير جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. چين جي صدر شي جن پنگ جي قيادت تي چين جي ترقي دنيا لاءِ مثال آهي. پاڪ – چين دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهي. پاڪ – چين دوستي هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿي رهي آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتداري خطي جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي. چين پاڪستان راهداري (سي پيڪ) پاڪ – چين معاشي سهڪار جو اهم منصوبو آهي. سي پيڪ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاشي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان کي چين سان دوستي تي فخر آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ، دوستي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي قومي اسيمبلي، نيشنل اسيمبلي آف پاڪستان ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس چين وچ ۾  پارلياماني سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي. پاڪ – چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ مضبوط عوامي رابطن جي عڪاسي ڪري ٿي.