نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي هڪ نئين اڏار ڀريندي ۽ ان جي عظمت بحال ٿيندي، سچي دل سان قوم جي خدمت ڪندڙ قوم جي سرن جا تاج آهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي هڪ نئين اڏار ڀريندو ۽ ان جي عظمت بحال ٿيندي، سچي دل سان قوم جي خدمت ڪندڙ قوم جي سرن جا تاج آهن، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي شفاف طريقي سان نجڪاري ڪئي وڃي ته جيئن قوم جي محنت جو پئسو ترقي …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري کانپوءِ پي آءِ اي هڪ نئين اڏار ڀريندو ۽ ان جي عظمت بحال ٿيندي، سچي دل سان قوم جي خدمت ڪندڙ قوم جي سرن جا تاج آهن، خساري ۾ هلندڙ ادارن جي شفاف طريقي سان نجڪاري ڪئي وڃي ته جيئن قوم جي محنت جو پئسو ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ٿئي. هو پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان نمايان ڪردار ادا ڪندڙ حڪومتي ٽيم جي اعزاز ۾ منعقد سادي ۽ پروقار تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو مرحلو ڪالهه بهترين طريقي سان ملڪي مفاد ۾ تڪميل تي پهتو، ماضي ۾ پڻ ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون جيڪي ڪن سببن جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيون، اسان اڳ ۾ به هڪ ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي پر اسان همت نه هاري ۽ ان ڏکئي ڪم کي ٻيهر تيزي سان تڪميل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سلسلي ۾ پيشيواراڻي انداز ۾ ٽيم ورڪ، ڪوآرڊينيشن ۽ مختلف وزارتن جي وچ ۾ مشاورت سميت سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ۽ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٻولي ۾ ممڪن حصو وٺندڙ بڊرز سان مون ملاقات ڪئي جنهن ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن جي جائز خدشن کي ختم ڪيو ويو ۽ مشاورت سان ٻولي جي لاءِ 23 ڊسمبر جي تاريخ طئي ٿي، ٻولي جو عمل به گڏيل مشاورت سان طئي ڪيو ته جيئن شفاف طريقي سان سڌوسنئون نشريات جي ذريعي سڄو عمل سڀني جي سامهون ۽ سڀني کي ٿيندو نظر اچي. وزيراعظم چيو ته آئين ۽ قانون موجب ٻولي کانپوءِ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي ۽ نجڪاري ڪميشن سان مشاورت جا مرحلا طئي ٿيا جنهن کانپوءِ ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو. ريفرنس پرائس جي حوالي سان پرائيويٽائيزيشن ڪميشن پنهنجي سڄي ورڪنگ کانپوءِ ڪابينا کي 100 ارب رپين جي ريفرنس پرائيس ٻڌائي جنهن جي ڪابينا منظوري ڏني. وزيراعظم چيو ته بڊنگ جو عمل سڄي قوم ڏٺو، چٽاڀيٽي ٻولي جي ذريعي 135 ارب رپين جي ٻولي لڳي ۽ اهڙي طرح پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز پرائيويٽائيز ڪيا ويا. هن چيو ته 100 ارب رپيا ريفرنس پرائيس جي مقابلي ۾ 135 ارب رپين جي ٻولي لڳي، اهڙي طرح باقي رهيل 25 سيڪڙو شيئرز، جيڪي حڪومت وٽ آهن، جي قيمت به پاڻ ئي انهي سطح تي اچي وئي. هن چيو ته 135 ارب رپين کي جيڪڏهن حڪومت جي 25 سيڪڙو شيئرز سان ايڊ ڪريون ته 180 ارب رپيا بڻجن ٿا. وزيراعظم چيو ته ان عمل ۾ سمورن ساٿين ڀرپور تيزي سان انساني امڪان جي حد تائين جيڪي به وسيع ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪري سگهجيا پئي اهي ڪيا. ماضي ۾ جيڪي ناڪاميون ٿيون انهن مان سبق سکندي انهن کي ورجايو نه ويو. آخري مرحلي ۾ ٻولي ڏيندڙن جو اعتماد وڌائڻ جي لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ويا ان سان انهن جو اعتماد وڌيو. وزيراعظم شفاف طريقي سان ٻولي جو عمل مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عوام جي دعائن سان پي آءِ اي جنهن جو سلوگن ”گريٽ پيپل ٽو فلائي ود“ هو ۽ فرينڪفرٽ ۽ لنڊن سميت دنيا جي اهم جاين تي ان کي مڃيو ويندو هو، نئين سيڙپڪاري سان پي آءِ اي جي عظمت بحال ٿيندي ۽ جديد اوزارن ۽ نئين جهازن جي شموليت سان پي آءِ اي جي اڏار نئين بلندين تي هوندي ۽ اها قوم جي اميدن تي پورو لهندي. وزيراعظم ٻولي جي ذريعي پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز حاصل ڪندڙ سيڙپڪارن کي پڻ مبارڪباد ڏني. هن حڪومتي ٽيم جي ”اسٽار پليئرز“ کي پڻ مبارڪباد ڏني جن جي ڏينهن رات محنت سان اهو ڪم پڄاڻي تي پهتو، ان سلسلي ۾ هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ ان جي ٽيم ۽ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي چيئرمين محمد علي ۽ ان جي ٽيم جي غيرمعمولي ڪوششن ۽ تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم نجڪاري ڪميشن جي آفيسرن عثمان اختر باجوه، اسد حسين ۽ ذيشان حسين کي پڻ شاباس ڏني. هن نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي کي اسٽار بيٽسمين قرار ڏيندي سندس محنت ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 23 مارچ تي اعزاز سان نوازڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب انهن عظيم هيروز جي اعزاز ۾ منعقد ڪئي وئي آهي جن پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته پي آءِ اي هڪ اهڙو ادارو بڻجي ويو هو جنهن تي قوم جي محنت جي ڪمائي جو 35 ارب رپيا ساليانو خرچ ٿي رهيو هو، نااهلي ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز سان ٿيندڙ نقصان جدا هو. وزيراعظم چيو ته سچي دل سان قوم جي خدمت ڪندڙ اسان جي سرن جا تاج آهن جيڪي غربت، بيروزگاري، قرض ختم ڪرائڻ ۽ معيشت کي خوشحال بڻائڻ جي لاءِ پوري محنت ۽ ديانتداري سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي ان پاليسي کان جدا آهن انهن سان اسان جو ڪو واسطو نه آهي. وزيراعظم چيو ته خسارو ڪندڙ ادارن کي فوري طور شفاف طريقي سان آف لوڊ ڪيو وڃي، سالياني نقصانن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ قوم جو پئسو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ٿئي. وزيراعظم تقريب ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي بهترين طريقي سان تڪميل تائين پهچائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ حڪومتي ٽيم جي ميمبرن کي ايوارڊز پڻ ڏنا.