پشاور- 24 ڊسمبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ هڪ باقاعده ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ ان پوري عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ته جيئن فيصلو شفاف، جامع ۽ قابل قبول هجي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر واضح ڪيو ته هو نوان صوبا ٺاهڻ جو حامي آهي ان عمل کي سياسي بنيادن تي نه ڏسڻ گهرجي. پي ٽي آءِ سان …
نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ڪميشن جوڙيو وڃي،سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي: خيبر پختونخوا جو گورنر
پشاور- 24 ڊسمبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ هڪ باقاعده ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ ان پوري عمل ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ته جيئن فيصلو شفاف، جامع ۽ قابل قبول هجي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر واضح ڪيو ته هو نوان صوبا ٺاهڻ جو حامي آهي ان عمل کي سياسي بنيادن تي نه ڏسڻ گهرجي. پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي دعوت ڏيڻ هڪ وڏو ۽ هاڪاري قدم آهي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق معيشت تي به ڳالهه ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پي ٽي آءِ کي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ڳالهين جي عمل ۾ اڳيان ڪهڙي رخ طرف وڃڻ چاهين ٿا. گورنر ٻڌايو ته ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي ۽ راجه ناصر عباس کي ڏنو ويو آهي جنهن سان ظاهر ٿي ٿو ته پارٽي اندر مڪمل اعتماد انهن جي قيادت تي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڳالهين لاءِ ڪنهن نئين امپورٽيڊ ليڊر شپ جي ضرورت نه پر موجوده قيادت ذريعي ئي اهو عمل مڪمل ڪرڻ گهرجي.












