اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگي اصولن، قانون جي بالادستي ۽ ذميواري جي عملي تصوير هئي ۽ سندس ويزن اڄ به پاڪستان جي سماجي تحفظ ۽ فلاحي قدمن لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم جو پختو يقين هو ته رياست جي بنيادي ذميواري پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ …
قائداعظم جو ويزن اڄ به پاڪستان جي سماجي تحفظ ۽ فلاحي قدمن لاءِ مشعل راهه آهي: وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه
اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگي اصولن، قانون جي بالادستي ۽ ذميواري جي عملي تصوير هئي ۽ سندس ويزن اڄ به پاڪستان جي سماجي تحفظ ۽ فلاحي قدمن لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم جو پختو يقين هو ته رياست جي بنيادي ذميواري پنهنجي شهرين جي حقن جو تحفظ آهي، خاص طور تي انهن طبقن جي جيڪي پاڻ پنهنجي سر آزاد موثر اندز ۾ بلند نٿا ٿي سگهن، اها ئي سوچ موجوده حڪومت جي پاليسين ۽ ترجيحن جو بنياد آهي، جتي ڪمزور ۽ محروم طبقن جو تحفط اولين ترجيح آهي. قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته وفاقي وزير طور سندس ڪوشش آهي ته حڪومتي قدم عوام جي زندگين ۾ حقيقي ۽ جٽادار بهتري آڻين ته جئين شهرين کي باعزت روزگار، سماجي تحفظ ۽ خودمختاري جا موقعا ملي سگهن. وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، قائداعظم جي يوم ولادت جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته قائداعظم جو پيغام اڄ به ايترو ئي واضح ۽ موثر آهي جيترو پاڪستان جي قيام وقت هو. هن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته حڪومت ڪمزور طبقن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجن قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائيندي رهندي.












