موسمياتي تبديلي پاڪستان جو وڏو چئلينج، حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي: راڻا مشهود

لاهور-24 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجن ۾ موسمياتي تبديلي هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ فرينڊز آف آءِ پي اي سي 2025ع گالا جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا …

لاهور-24 ڊسمبر (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش موجوده چئلينجن ۾ موسمياتي تبديلي هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي. هو گورنر هائوس لاهور ۾ انفيڪشن پريوينشن اينڊ ڪنٽرول فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ فرينڊز آف آءِ پي اي سي 2025ع گالا جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا مشهود چيو ته وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي حوالي سان 20 لک ٻارن جي تربيت جو ٽاسڪ ڏنو آهي جنهن تحت سمورن صوبن ۾ هدف مقرر ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب حڪومت صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪري رهي آهي ۽ وزيراعليٰ مريم نواز هيلٿ سيڪٽر کي اڳتي وٺي وڃي رهي آهي. هن چيو ته اهي پاڪستاني جيڪي پرڏيهه وڃي ڪامياب ٿيا، اڄ پنهنجي علائقن ۾ واپس اچي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن سان دنيا ۾ پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. پاڪستان جو آءِ ٽي سيڪٽر اڄ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، هن چيو ته ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سوچي سمجهي فيصلا ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا ملڪ کي سوين سال پوئتي ڌڪي ڇڏيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو پرڏيهه ۾ ويهي به پاڪستان جا دوست آهن، انهن جي تعاون سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃبو.

مزید خبریں