باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ديانت، اصول پسندي، آئيني جدوجهد ۽ پختي قيادت پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو: اسپيڪر سردار اياز صادق

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي باني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته باباءِ قوم جي ديانت، اصول پسندي، آئيني جدوجهد ۽ پختي قيادت پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 149 هين يوم ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم جي …

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي باني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته باباءِ قوم جي ديانت، اصول پسندي، آئيني جدوجهد ۽ پختي قيادت پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 149 هين يوم ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته قائداعظم جي شخصيت ۽ سندس فڪر اڄ به اسان جي آئيني، سياسي ۽ جمهوري نظام لاءِ مشعل راهه آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي واضح سياسي رخ فراهم ڪيو ۽ اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي رهنما اصولن کي اختيار ڪندي هڪ آزاد وطن جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو. هن چيو ته قائداعظم قانون جي حڪمراني، مذهبي آزادي، برابري ۽ سماجي انصاف تي ٻڌل فلاحي رياست جو تصور ڏنو. قائداعظم هڪ اهڙي مضبوط، خودمختيار ۽ فلاحي رياست جي قيام جو خواهشمند هو جتي هر شهري بنا فرق رنگ ۽ نسل جي مڪمل مذهبي آزادي سان زندگي گذاري سگهي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان 2026ع  ۾ پاڪستان جي باني جو 150هون يوم ولادت ملهائڻ وڃي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان طرفان 2026ع کي قائداعظم جو سال قرار ڏنو ويو آهي جيڪو وقت سر ۽ تاريخي قدم آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سال 2026ع قائداعظم جي فڪر، آئيني اصولن جي پاسداري ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جو نادر موقعو فراهم ڪندو. اسپيڪر چيو ته تعليمي ، فڪري ۽ سماجي سطح تي قائداعظم جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن نوجوان نسل پاڪستان جي باني جي نظرين مان رهمنائي حاصل ڪندي ملڪ جي ترقي، استحڪام، خوشحالي ۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽ قائداعظم جي فڪرن جي روشني ۾ آئين جي بالادستي، جمهوريت کي هٿي ڏيڻ، ملڪي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه به قائداعظم جي يوم ولادت جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد، ديانت ۽ اصول پسندي پاڪستان جي اصل سڃاڻپ آهن، هن چيو ته نوجوان نسل کي پاڪستان جي باني جي نظريي سان روشناس ڪرائڻ قومي سڃاڻپ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري آهي، ڊپٽي اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽ قائداعظم جي فڪر جي روشني ۾ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ استحڪام جي راهه تي گامزن رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي.

مزید خبریں