اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان گذريل ڏينهن ازبڪستان جي سفير علي شير تختائيف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي واپار، رابطن ۽ وسيع تر اقتصادي تعاون جو جائزو ورتو ويو. راڻا احسان افضل ازبڪستان جي دوري جي دعوت تي سفير جو ٿورو مڃيو ۽ تاشقند جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ان جو بنيادي ڍانچو ۽ شهري منصوبابندي ترقي …
واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان ازبڪستان جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان گذريل ڏينهن ازبڪستان جي سفير علي شير تختائيف ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي واپار، رابطن ۽ وسيع تر اقتصادي تعاون جو جائزو ورتو ويو. راڻا احسان افضل ازبڪستان جي دوري جي دعوت تي سفير جو ٿورو مڃيو ۽ تاشقند جي ترقي کي ساراهيندي چيو ته ان جو بنيادي ڍانچو ۽ شهري منصوبابندي ترقي يافته ملڪن جي برابر آهي. هن گذريل ڏهاڪي دوران ازبڪستان جي مضبوط اقتصادي ڪارڪردگي تي روشني وڌي، ازبڪستان جي سفير ، خاص مددگار جو ٿورو مڃيو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان اسٽريٽجڪ پارٽنر آهن، گڏيل اسلامي ورثي، ڀائيچاري ۽ گڏيل علائقائي مفادن جا پابند آهن. هن ٻطرفي واپار کي 2 ارب آمريڪي ڊالرن تائين وڌائڻ جي گڏيل مقصد تي زور ڀريو ۽ افغانستان جي ٽرانزٽ روٽس خاص ڪري طورخم بارڊر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين وچ ايشيا، روس ۽ آذربائيجان کان تجويز ڪيل ريلوي رابطن ذريعي رابطا وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٽرانزٽ ٽائم کي گهٽ ڪرڻ، مال برداري جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ازبڪستان ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري سميت پاڪستاني ڪاروباري ادارن جي شموليت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ هڪ ٽرانزٽ هب طور ازبڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي تسليم ڪندي سڌي ريت اڏامن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي روشني وڌي وئي.











