اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي باني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 149هون ولادت جو ڏهاڙو 25 ڊسمبر خميس ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گاديءَ وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب به منعقد ٿيندي. باباءِ قوم محمد علي …
باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو ولادت جو ڏهاڙو 25 ڊسمبر تي ملهايو ويندو

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي باني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو 149هون ولادت جو ڏهاڙو 25 ڊسمبر خميس ڏينهن سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گاديءَ وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب به منعقد ٿيندي. باباءِ قوم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع تي ڪراچي ۾ جناح پونجا نالي هڪ مشهور واپاري جي گهر پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم 1882ع ۾ شروع ڪئي. 1993ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ انگلستان ويو، اتان هن 1896ع ۾ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪري وطن واپس اچي ويو، 1897ع ۾ ممبئي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي، کيس 1900ع ۾ ممبئي ۾ پريذيڊنسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، 1906ع ۾ ممبئي هاءِ ڪورٽ سان ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان جڙي ويو، محمد علي جناح 1909ع ۾ سپريم امپيريل ڪائونسل جي چونڊن ۾ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي، 1910ع ۾ قانونساز ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو، 1912ع ۾ مسلم ليگ جو ڪلڪته ۾ منعقد ٿيل سالياني اجلاس ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، 1913ع ۾ مسٽر گوکلي سان گڏ انگلستان روانو ٿي ويو جتان انڊين لنڊن ايسوسيئيشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو ۽ اتان واپسي تي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو، قائداعظم 1919ع ۾ رولٽ ايڪٽ خلاف احتجاجن امپيريل ڪائونسل تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ 1920ع ۾ اصولي اختلاف تي ڪانگريس کان ڌار ٿي ويو، باباءِ قوم 1926ع ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو جنهن کي ڪانگريس منظور نه ڪيو، 1929ع ۾ قائداعظم مسلم ليگ جي دهلي ۾ منعقد اجلاس ۾ 14 نڪتن جو اعلان ڪيو ۽ باضابطه طور تي ڌار وطن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي، باباءِ قوم ۾ عظمت، قابليت، نيڪ نامي ۽ ڪجهه ڪرڻ جو شوق ۽ ذهانت سميت حب الوطني جا جذبا پيدائشي طور تي ئي موجود هئا، اهو ئي سبب آهي جو ننڍپڻ ۽ جواني ۾ ئي سندس مدبراڻي صلاحيتون، فهم ۽ فراست، پختي عظم ۽ همت، سياسي بصيرت، دانشمندي ۽ بي مثال قائداڻي صفتن سبب ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪيو ته محمد علي جناح هڪ ڏينهن تمام وڏو نالو پيدا ڪندو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي ڄاڻايل شخصيت اهو تصور درست ثابت ڪري ڏيکاريو. باباءِ قوم 11 سيپٽمبر 1948ع جي رات 10 لڳي 15 منٽن تي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. پاڪستان جي باني جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ خصوصي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا خصوصي پروگرام نشر جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۾ به خاص مضمون ڇپائڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل طرفان تحريڪ پاڪستان کان تڪميل پاڪستان تائين جي جدوجهد تي ٻڌل پاڪستان جي باني جي انتهائي نادر، ناياب، تاريخي تصويرن جي نمائش به منعقد ڪئي ويندي.











