پيٽروليم شعبي سان لاڳاپيل مسيحي برادري قومي افرادي سگهه جو اهم حصو آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ حڪومتِ ۽ پيٽروليم ڊويزن طرفان مسيحي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم شعبي سان لاڳاپيل مسيحي برادري قومي افرادي سگهه جو اهم حصو آهي، حقيقي ترقي صرف جامع ترقي ذريعي ئي ممڪن آهي جتي معاشري جي هر طبقي کي هڪجهڙي اهميت ڏني وڃي، مذهب جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو فرق قبولڻ جوڳو ناهي. اهڙو …

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ حڪومتِ ۽ پيٽروليم ڊويزن طرفان مسيحي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم شعبي سان لاڳاپيل مسيحي برادري قومي افرادي سگهه جو اهم حصو آهي، حقيقي ترقي صرف جامع ترقي ذريعي ئي ممڪن آهي جتي معاشري جي هر طبقي کي هڪجهڙي اهميت ڏني وڃي، مذهب جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو فرق قبولڻ جوڳو ناهي. اهڙو اظهار هن ڪرسمس جي تقريبن ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير حڪومت جي جامع ترقي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي انتظام هيٺ ڪرسمس جي حوالي سان هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پيٽروليم ڊويزن، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، گورنمينٽ هولڊنگز (پرائيويٽ) لميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۽ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (پي ايل ايل) جي مسيحي ملازمن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ملڪ جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف افرادي قوت جي محنت ۽ لگن کي ساراهيو. هن چيو ته پيٽروليم شعبي سان لاڳاپيل مسيحي ميمبر قومي افرادي قوت جو اهم حصو آهن ۽ اهڙي طرح جون تقريبون قومي يڪجهتي، گڏيل احترام ۽ هم آهنگي جو عڪاس آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ پوري حڪومت جو پختو يقين آهي ته حقيقي ترقي صرف جامع ترقي جي ذريعي ئي ممڪن آهي جتي معاشري جي هر طبقي کي هڪجهڙي ڏني وڃي. هن واضح ڪيو ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن به قسم جو فرق قبولڻ جوڳو ناهي. وفاقي وزير پيٽروليم ڊويزن جي تحت سمورن ادارن کي هدايت ڪئي ته هو او جي ڊي سي ايل جي پيروي ڪندي ڪرسمس جون تقريبون منعقد ڪن ته جيئن شموليت ۽ عالمي المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏئي سگهجي. ان موقعي تي او جي ڊي سي ايل جي مينيجنگ ڊائريڪٽر احمد حيات لڪ وفاقي وزير جي مصروف شيڊول باوجود تقريب ۾ شرڪت تي ٿورو مڃيو.تقريب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ شرڪت ڪندڙن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو جيڪو اتحاد، احترام ۽ گڏيل قومي قدرن جي علامت هو.

مزید خبریں