اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري وڏي ۽ تاريخي ڊيل آهي، قومي ايئرلائين جي اڳوڻي عظمت کي واپس آڻڻ جو سفر تيزي سان شروع ٿي ويو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ نجڪاري واري صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي ۽ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري عثمان اختر باجوه سان …
پي آءِ اي جي نجڪاري وڏي ۽ تاريخي ڊيل آهي، قومي ايئرلائين جي اڳوڻي عظمت کي واپس آڻڻ جو سفر تيزي سان شروع ٿي ويو آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري وڏي ۽ تاريخي ڊيل آهي، قومي ايئرلائين جي اڳوڻي عظمت کي واپس آڻڻ جو سفر تيزي سان شروع ٿي ويو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ نجڪاري واري صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي ۽ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري عثمان اختر باجوه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو پي آءِ اي جي ڪامياب نجڪاري تي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، پي آءِ اي جي نجڪاري هڪ تاريخي موقعو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاليسين ۾ اهو هڪ لازمي حصو هو ته نقصان ۾ ويندڙ اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز جي نجڪاري ڪئي وڃي ۽ اهو قدم ملڪي معاشي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته پهرين ڊيل فرسٽ وومين بئنڪ جي هئي جنهن ۾ جي ٽو جي معاهدو ٿيو. ان کانپوءِ پي آءِ اي جي تمام وڏي ۽ تاريخي ڊيل ٿي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پي آءِ اي جي ٻولي جو عمل سڌوسنئون ٽي وي تي ڏيکاريو ويو جنهن کي پوري قوم ڏٺو. هن چيو ته ٻولي جو عمل انتهائي شفاف هو، تنقيد ڪندڙن به ان تي سٺي خيالن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل ان کي هڪ سٺي ڊيل قرار ڏنو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي کان اسان ٻڌندا اچي رهيا هئاسين ته پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي رهي آهي پر ڪڏهن به ان ۾ ڪاميابي نه ملي، الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون جو اڄ اهو تاريخي ڏينهن آهي ته پي آءِ اي پرائيويٽائيز ٿي وئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارسل ۽ پوري ٽيم جون ڪوششون ان ڪاميابي جو سبب آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ماضي ۾ اهي به ڏينهن ڏٺا جڏهن ڄاڻي واڻي فلور آف دي هائوس ۾ بيهي تڪراري بيان ڏئي پي آءِ اي جي لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جا روٽ بند ڪيا ويا هئا. الله جو شڪر آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ اهي روٽس ٻيهر کليا. پي آءِ اي جي مانچسٽر جي لاءِ فلائيٽس جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستانين پاڪستان جو جهنڊو کڻي رن وي تي لائين لڳائي پي آءِ اي جي جهاز کي ويلڪم ڪيو جنهن سان ماڻهن جي قومي وابستگي جو اندازو ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني ڊايا سپورا قومي ايئرلائين جي ذريعي ملڪ واپس اچڻ چاهي ٿو ڇو ته ڊائريڪٽ فلائيٽس سان 15 کان 16 ڪلاڪ بچن ٿا. هن چيو ته پي آءِ اي جو ساليانو خسارو ڪڏهن 35 ارب ۽ ڪڏهن 50 ارب رپيا هو، 2023ع ۾ چيو ويو ته 75 ارب رپين جو ساليانو خسارو ٿيو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري کانپوءِ اهو خسارو هاڻي قومي خزاني تي بار نه هوندو، ٽيڪس ڏيندڙن جي کيسي مان ان خساري کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ادائيگي نه ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته مالياتي ماهر پوري دنيا ۾ ان ڊيل تي ڳالهه ڪري رهيا آهن ۽ اهو حڪومت جي پاليسين، ايف بي آر جي ريفارمز ۽ هوم گرون اڪنامڪ ايجنڊا جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته قومي ايئرلائين جي اڳوڻي عظمت کي واپس آڻڻ جو سفر تيزي سان شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز جي نجڪاري جا قدم جاري رهندا ڇو ته اسان پهرين ڏينهن نعرو هنيو هو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي، نجي شعبي کي اڳتي اچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل پوري دنيا ڏٺو، پي آءِ اي جي ڊيل اميدن کان وڌيڪ شفاف هئي، پوري دنيا ۾ سٺو تاثر ويو آهي جڏهن ته جن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي، انهن جي لاءِ ٽي لفظن آهن "Get well soon”.











