وزيراعظم پاران بندرگاهن ۾ پيل متروڪه ڪارگو جي نيلامي جي لاءِ شفاف نظام آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بندرگاهن ۾ پيل متروڪه ڪارگو جي نيلامي جي لاءِ شفاف نظام آندو وڃي، پاڪستان جي سمورين بندرگاهن جي توسيع تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن وڏا جهاز لنگرانداز ٿي سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي ترقي جي لاءِ بندرگاهن جي حوالي …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بندرگاهن ۾ پيل متروڪه ڪارگو جي نيلامي جي لاءِ شفاف نظام آندو وڃي، پاڪستان جي سمورين بندرگاهن جي توسيع تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن وڏا جهاز لنگرانداز ٿي سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي ترقي جي لاءِ بندرگاهن جي حوالي سان جوڙيل نجي شعبي جي ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد جنيد انوار چوڌري، مصدق ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ڪاروباري برادري جي لاءِ بندگاهن تي سهولتن ۽ سڌارن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار وڌائڻ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ اسان جي بندرگاهن جو انتهائي اهم ڪردار آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ بندرگاهن سان واڳيل مختلف ادارا پاڻ ۾ تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائين ته جيئن ڪارگو جو ڊويل ٽائيم (Dwell Time) گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي، مختلف نوعيت جي پورٽ چارجز کي وڌيڪ گهٽ ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته بندرگاهن ۾ پيل متروڪه ڪارگو جي نيلامي جي لاءِ هڪ شفاف نظام آندو وڃي، متروڪه ڪارگو جي لاءِ مختلف بندرگاهن ۾ جدا يارڊز ٺاهيا وڃن ۽ ان جي لاءِ عالمي سهرت يافته ڪمپنين جون خدمتون ورتيون وڃن. هن ڪارگو جي جانچ جي لاءِ شروعاتي ٽيسٽنگ ليب بندرگاهن تي ئي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪارگو جي غيرضروري ليبارٽري ٽيسٽ جو خاتمو ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان جي سمورين بندرگاهن جي ڊريجنگ ۽ توسيع تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن وڏا جهاز لنگرانداز ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته اندرون ملڪ ڪارگو جي چرپر جي لاءِ بندرگاهن سان ريل جي ڪنيڪٽيويٽي کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. وزيراعظم زياد بشير جي سربراهي ۾ ورڪنگ گروپ جي محنت ۽ ٺوس تجويزن کي ساراهيو. زياد بشير چيو ته پي آءِ اي جي شفاف نجڪاري سان پاڪستان جي ڪاروباري برادري جي اعتماد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل پورٽس ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پورٽ ڪميونٽي سسٽم تازو ئي آپريشنل ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي بندرگاهن تي مختلف فيسن ۾ گهٽتائي آندي پئي وڃي ۽ تازو ئي پورٽ قاسم ۾ بلڪ ڪارگو جي فيسن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي مختلف بندرگاهن ۾ نئين سيڙپڪاري سان انهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته متروڪه ڪارگو جي نيلامي جي لاءِ تمام جلد اي – بڊنگ جو نظام آندو پيو وڃي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ مان ڪو به ماڻهو ڪنهن به جڳهه تي ويهي حصو وٺي سگهندو، ڪراچي جي بندرگاهن جي توسيع ۽ ڊريجنگ جي لاءِ ٽينڊر ڏنا ويا آهن ۽ ڪم تمام جلد شروع ٿي ويندو.

مزید خبریں