ملڪ ۾ خانگي شعبي کي بئنڪن کان مليل قرضن جي فراھمي ۾ نومبر دوران ساليانو بنيادن تي گھٽتائي رڪارڊ، ڳاڻيٽو 9856 ارب رپيا رھيو: اسٽيٽ بينڪ

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي)ملڪ ۾ خانگي شعبي کي بئنڪن مان ميل قرضن جي فراھمي ۾ نومبر دوران ساليانو بنيادن تي گھٽتائي رڪارڊ ٿي آھي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق نومبر ۾ بئنڪن مان خانگي شعبي کي فراھم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 9856 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال نومبر جي ڀيٽ ۾ 0.4 سيڪڙو گھٽ آھي، گذريل سال نومبر ۾ بئنڪن خانگي شعبي کي 9898 ارب …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي)ملڪ ۾ خانگي شعبي کي بئنڪن مان ميل قرضن جي فراھمي ۾ نومبر دوران ساليانو بنيادن تي گھٽتائي رڪارڊ ٿي آھي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق نومبر ۾ بئنڪن مان خانگي شعبي کي فراھم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 9856 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال نومبر جي ڀيٽ ۾ 0.4 سيڪڙو گھٽ آھي، گذريل سال نومبر ۾ بئنڪن خانگي شعبي کي 9898 ارب رپين جا قرضا فراھم ڪيا ھئا. آڪٽوبر جي ڀيٽ ۾ نومبر ۾ خانگي شعبي جي قرضن جي فراھمي ۾ ماھوار بنياد تي 1.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، آڪٽوبر جي پڄاڻي تي بئنڪن جي خانگي شعبي کي فراھم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 9704 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ وڌي 9856 ارب رپيا ٿي ويو. نومبر ۾ بئنڪن مان خانگي شعبي کي فراھم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 8498 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال نومبر جي ڀيٽ ۾ 1.9 سيڪڙو گھٽ آھي، گذريل سال نومبر جي پڄاڻي تي بئنڪن مان خانگي شعبي جي واپارين کي فراھم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 8659 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو ھو.

مزید خبریں