اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، هڪ ڪروڙ 12 لک روپيا ماليت جي 108.61 ڪلوگرام منشيات هٿ، 5 جوابدار گرفتار

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس  فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ هڪ ڪروڙ 12 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 108.61 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران نارٿ ناظم آباد ڪراچي جي يونيورسٽي ويجهو …

اسلام آباد 01- نومبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس  فورس تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ هڪ ڪروڙ 12 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 108.61 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران نارٿ ناظم آباد ڪراچي جي يونيورسٽي ويجهو جوابدار کان 36 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، گرفتار جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻين ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تان دهلي ويندڙ مسافر کان اٽو ڳوهڻ واري مشين مان منشيات هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ 1.726 ڪلو آئيس ۽ 0.218 ڪلوگرام وزني 480 ايڪسٽيسي گوريون هٿ ڪيون ويون. گلبرگ لاهور ۾ ڪوريئر آفيس  مان دبئي موڪلي ويندڙ پارسل ۾ جوتن ۾ لڪايل 70 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سهراب ڳوٺ ڪراچي ۾ بس ٽرمينل ويجهو گاڏي مان 45.6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. شير شاهه ٽول پلازه ملتان ويجهو گاڏي مان 25 ڪلو آفيسم هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. انهن سمورين ڪارروائين خلاف منشيات روڪٿام ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں