صدر پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون بروقت ۽ موثر ڪارروايون دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾، صدر ڪارروائي ۾ …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون بروقت ۽ موثر ڪارروايون دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾، صدر ڪارروائي ۾ 5 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون بروقت ۽ موثر ڪارروايون دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. فتنه الخوارج خلاف ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون.