ايس آءِ ايف سي پاران سهولتڪاري سان ڪراچي ۾ صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم اڳڀرائي

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي سهولتڪاري سان ڪراچي ۾ صنعتي سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ کي روانگي واپاري صنعت، سيڙپڪاري ۽ روزگار جي وڏن مرڪزن طور توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي نگراني ۽ موثر عملدرآمد لاءِ وفاقي اسپيشل اڪنامڪ زونا ٿارٽي …

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي سهولتڪاري سان ڪراچي ۾ صنعتي سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ڪراچي انڊسٽريل پارڪ کي روانگي واپاري صنعت، سيڙپڪاري ۽ روزگار جي وڏن مرڪزن طور توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايس آءِ ايف سي موجب ڪراچي انڊسٽريل پارڪ جي نگراني ۽ موثر عملدرآمد لاءِ وفاقي اسپيشل اڪنامڪ زونا ٿارٽي قائم ڪئي ويندي. ايڊيشنل سيڪريٽري ايس آءِ ايف سي ساجد قاضي جي قيادت ۾ وفاقي اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي جي وفد ڪراچي جي بزنس ڪميونٽي جي نمائندن سان اهم اجلاس ڪيو. اجلاس ۾ سيرپڪارن کي درپيش مسئلن، سهولتڪاري، ڪاروباري رڪاوٽن جي خاتمي ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ ڪراچي انڊسٽريل پارڪ کي جديد صنعتي ۽ روانگي واپاري مرڪز بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سابار ڪاروباري ماهول فراهم ڪرڻ ۽ صنعتي يونٽن جي قيام ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاق اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي جي قيام سان ڪراچي انڊسٽريل پارڪ ۾ منصوبا بندي، نگراني ۽ عملدرآمد جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۾ مدد ملندي. جڏهن ته صنعتي سيڙپاڪري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.