وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪي پي ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

ڪراچي- 06 آڪٽوبر(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر پختونخواهه ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز هميشه جيان بهادري ۽ جرئت جو لازوال داستان رقم ڪيو آهي. دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ سيڪيورٽي ادارن جي بهترين حڪمت عملي جو ثبوت آهي. هن چيو …

ڪراچي- 06 آڪٽوبر(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر پختونخواهه ۽ اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز هميشه جيان بهادري ۽ جرئت جو لازوال داستان رقم ڪيو آهي. دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ سيڪيورٽي ادارن جي بهترين حڪمت عملي جو ثبوت آهي. هن چيو ته عزمِ استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جو مڪمل خاتمو پوري قوم جو گڏيل هدف آهي. پائيدار امن جي قيام لاءِ اسان جي جوانن جون قربانيون ڪڏهن به ضايع نه وينديون.