هري ڪين انگلينڊ جي عظيم ترين فٽ بالر جو رڪارڊ قائم ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو

لنڊن-06 آڪٽوبر(اي پي پي) انگلينڊ جي بال ٽيم جو ڪپتان هري ڪين جمهوريه چيڪ خلاف يوئيفا نيشنز ليگ جي اهم ميچ ۾ ميدان ۾ اچي هڪ نئين تاريخي قائم ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي جتي هو پيٽر شلٽن جو 125 عالمي ميچن جي کيڏڻ جو تاريخي رڪارڊ برابر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب 33 سالن جو اسٽار فارورڊ هري ڪين مارچ 2015ع ۾ لٿوانيا خلاف پنهنجي ڪيرئير جي پهرين ئي ميچ ۾ 79 سيڪنڊن اندر پهريون انٽر نيشنل گول ڪري ڪيريئر جي شاندار سفر جي …

لنڊن-06 آڪٽوبر(اي پي پي) انگلينڊ جي بال ٽيم جو ڪپتان هري ڪين جمهوريه چيڪ خلاف يوئيفا نيشنز ليگ جي اهم ميچ ۾ ميدان ۾ اچي هڪ نئين تاريخي قائم ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي جتي هو پيٽر شلٽن جو 125 عالمي ميچن جي کيڏڻ جو تاريخي رڪارڊ برابر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب 33 سالن جو اسٽار فارورڊ هري ڪين مارچ 2015ع ۾ لٿوانيا خلاف پنهنجي ڪيرئير جي پهرين ئي ميچ ۾ 79 سيڪنڊن اندر پهريون انٽر نيشنل گول ڪري ڪيريئر جي شاندار سفر جي شروعات ڪئي هئي تڏهن کا هيستائين هو 124 ميچن ۾ 89 گولن سميت انگليند جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب اسڪور ڪندڙ رانديگر بڻجي چڪو آهي. هو وڏن عالمي ٽورنامينٽس جي 36 ميچن ۾ 21 گولز اسڪور ڪري گيري لائنڪر جو 10 گولن جو رڪارڊ پوئتي ڪري چڪو آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٻئي ڪامياب ترين اسڪور وين روبرٽ جي 53 گولز جي ڀيٽ ۾ هري ڪين کي 36 گولز جي وڏي انگ جي ڪاميابي حاصل آهي جڏهن شاندار ڪيريئر ۾ 1966 کان پوءِ ڪو به وڏو عالمي ڪپ نه کٽڻ جي کوٽ موجود آهي ان باوجود جديد دور ۾ انگليند جو سڀ کان اهم ترين رانديگر طور سامهون آيو آهي جنهن جي ڪري کيس ملڪ جي تاريخ ۾ عظيم ترين فٽ بالرز جي لسٽ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.