ڍاڪا-06آڪٽوبر(اي پي پي) بنگلاديش جي ناڻي ۽ رٿابندي واري وزير امير خسرو چوڌري چيو آهي ته ملڪ کي عالمي ۽ ملڪي مارڪيٽن مان سرمايو حاصل ڪري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) تي ڀاڙڻ بدران هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڍاڪا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان آءِ ايم ايف تي ڀروسو نٿا ڪري سگهون. ناڻي واري وزير چيو ته بنگلاديش جو مالياتي ڍانچو بدلجي رهيو آهي. ملڪي معيشت کي سال 2034 ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت جي هدف تي ڌيان ڏيڻ …
بنگلاديش پاران آءِ ايم ايف قرضن تي ڀروسو گهٽائڻ، عالمي ۽ ملڪي مارڪيٽن مان سرمايو حاصل ڪرڻ جو فيصلو
ڍاڪا-06آڪٽوبر(اي پي پي) بنگلاديش جي ناڻي ۽ رٿابندي واري وزير امير خسرو چوڌري چيو آهي ته ملڪ کي عالمي ۽ ملڪي مارڪيٽن مان سرمايو حاصل ڪري عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) تي ڀاڙڻ بدران هاڻي اڳتي وڌڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته ڍاڪا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان آءِ ايم ايف تي ڀروسو نٿا ڪري سگهون. ناڻي واري وزير چيو ته بنگلاديش جو مالياتي ڍانچو بدلجي رهيو آهي. ملڪي معيشت کي سال 2034 ع تائين هڪ کرب ڊالرن جي معيشت جي هدف تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان جاري 5.5 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇو ته قرض ڏيندڙ اداري جا ڪجهه شرط موجوده حالتن سبب اهم ناهن.












