گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو پرڏيهي آفيس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو پرڏيهي آفيس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان جي آجيان ڪئي. هن استقبال لاءِ موجود پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن جو سيڪريٽري جنرل سان تعارف ڪرايو. ان کان اڳ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اڱاري تي ٽن ڏينهن …

اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو پرڏيهي آفيس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان جي آجيان ڪئي. هن استقبال لاءِ موجود پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن جو سيڪريٽري جنرل سان تعارف ڪرايو. ان کان اڳ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اڱاري تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو ۽ وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير نبيل منير سندس استقبال ڪيو. انتونيو گوتريش اهو دورو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان ملاقاتون ڪندو.