اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايُون جاري رهنديُون. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي …
وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايُون جاري رهنديُون. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج خلاف بروقت ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايُون جاري رهنديُون. عزم ۽ عزم استحڪام وزن تحت، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ۽ پائيدار امن حڪومت جي اولين ترجيح آهي.












