اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسلام آباد پهچي ويو آهي جتي هو 6 کان 8 آڪٽوبر 2026ع تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر …
گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
اسلام آباد- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسلام آباد پهچي ويو آهي جتي هو 6 کان 8 آڪٽوبر 2026ع تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. پاڪستان پهچڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو وقتي پرڏيهي سيڪريٽري سفير نبيل منير استقبال ڪيو.












