ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي عالمي استادن جي ڏينهن جي موقعي تي استادن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته استاد ڪنهن به معاشري جي فڪري، اخلاقي ۽ تعليمي جوڙجڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. استاد قوم جي مستقبل جا معمار ۽ نئين نسل جي رهنمائي جو اهم ذريعو هوندو آهي.گورنر چيو ته هڪ سٺو استاد رڳو ڪتابي علم منتقل …
سنڌ جي گورنر پاران استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي استادن کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
ڪراچي- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي عالمي استادن جي ڏينهن جي موقعي تي استادن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته استاد ڪنهن به معاشري جي فڪري، اخلاقي ۽ تعليمي جوڙجڪ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. استاد قوم جي مستقبل جا معمار ۽ نئين نسل جي رهنمائي جو اهم ذريعو هوندو آهي.گورنر چيو ته هڪ سٺو استاد رڳو ڪتابي علم منتقل نٿو ڪري، پر شاگردن جي شخصيت، ڪردار ۽ سوچ جي پڻ تعمير ڪري ٿو. تعليم جي واڌاري ۽ نوجوان نسل جي بهتر تربيت لاءِ استادن جون خدمتون ساراهه جوڳيون ۽ ناقابلِ فراموش آهن.هن چيو ته اسان کي پنهنجن استادن کي سندن جائز مقام ڏيڻ سان گڏ سندن احترام ۽ وقار کي يقيني بڻائڻو پوندو. استادن جي ڀلائي، جديد تدريسي گهرجن سان هم آهنگ پيشوراڻي تربيت ۽ کين ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دور ۾ استادن جو ڪردار وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. جديد ٽيڪنالاجي کي اثرائتي نموني تعليمي عمل جو حصو بڻائڻ ۽ شاگردن جي تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ استاد اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا..گورنر سنڌ چيو ته مضبوط تعليمي نظام، معياري تعليم ۽ باصلاحيت ۽ باڪردار استاد ئي پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهن ٿا.










