اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي، اڱاري ۽ اربع ڏينهن ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات/ ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق اولهه وارين هوائن جو سلسلو سومر جي رات ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 7 آڪٽوبر تائين برقرار رهندو، جنهن جي اثر هيٺ پنجاب/ اسلام آباد ۾ 6 کان 7 آڪٽوبر …
موسميات کاتي پاران اڱاري ۽ اربع ڏينهن ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات/ ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي، اڱاري ۽ اربع ڏينهن ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات/ ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي مطابق اولهه وارين هوائن جو سلسلو سومر جي رات ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 7 آڪٽوبر تائين برقرار رهندو، جنهن جي اثر هيٺ پنجاب/ اسلام آباد ۾ 6 کان 7 آڪٽوبر دوران اسلام آباد/ راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، لاهور، قصور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ فيصل آباد ۾ تيز هوائن/ آنڌاري ۽ گجگوڙ سان برسات جي اميد آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. خيبر پختونخوا ۾ سومر جي رات کان 7 آڪٽوبر دوران دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هري پور، بونير، مالاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، خيبر، اورڪزئي، هنگو، لڪي مروت، ڪرڪ، بنون، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ تيز هوائن آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جي توقع آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. ڪشمير/ گلگت بلتستان ۾ 6 کان 7 آڪٽوبر دوران ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمبر، ميرپور) ۽ گلگت بلتستان (ديامر، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شگر) ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاني ۽ گجگوڙ سان برسات جي اميد آهي. ان دوران ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. بلوچستان ۾ 6 آڪٽوبر (شام / رات) دوران بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي توقع آهي، جڏهن ته زوب، بارکان ۽ موسي خيل ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران سنڌ ۾ اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. امڪاني اثرن ۽ احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي آنڌاڻي/ جهڪ هلڻ، ڳڙو پوڻ ۽ گجگوڙ سبب روزمره جو معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچين گهرن ڀتن، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينلز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ان دوران گرمي پد ۾ 2 کان 04 ڊگڙي سينٽي گريڊ گهٽتائي جو امڪان آهي.










