اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائيو اسٽاڪ شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ درآمد ٿيل چوپائي مال جي خصوصي فارم هائوسز ۾ واڌويجهه ڪري انهن کي برآمد ڪرڻ، لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي ڪارپوريٽ رخن تي قائم ڪرڻ ۽ شعبي ۾ نجي شعبي جي ماهرن جي ذريعي سڌارن جي تياري ۽ لاڳو جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن هدايت ڪئي آهي …
وزيراعظم جي صدارت ۾ لائيو اسٽاڪ شعبي جي جاري سڌارن بابت اعلى سطحي اجلاس، چوپائي مال جي برآمد جي لاءِ خصوصي فارم هائوسز جو قيام عمل ۾ آندو وڃي: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لائيو اسٽاڪ شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ درآمد ٿيل چوپائي مال جي خصوصي فارم هائوسز ۾ واڌويجهه ڪري انهن کي برآمد ڪرڻ، لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي ڪارپوريٽ رخن تي قائم ڪرڻ ۽ شعبي ۾ نجي شعبي جي ماهرن جي ذريعي سڌارن جي تياري ۽ لاڳو جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته لائيو اسٽاڪ ۾ بيمارين جي خاتمي جي لاءِ قومي غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري، گوشت ۽ لائيو اسٽاڪ جي برآمدي صنعت جي وڌيڪ ترقي جي لاءِ پوري ويليو چين جي بهتري تي ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم گوشت، لائيو اسٽاڪ ۽ ان سان واڳيل برآمدات جا هدف مقرر ڪري پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ لائيو اسٽاڪ جي شعبي جي جاري سڌارن تي اعلى سطحي جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم چيو ته چوپائي مال جي برآمد جي لاءِ خصوصي فارم هائوسز جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، انهن خصوصي فارم هائوسز ۾ اعلى نسل جي وڌيڪ پيداوار واري چوپائي مال کي درآمد ڪري ان جي برآمدات جي لاءِ واڌويجهه ڪئي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن خصوصي فارم هائوسز ۾ چوپائي مال جي درآمد کي ڊيوٽي فري ڪيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڄاڻايل فارمز ۾ واڌويجهه ڪيل چوپايو مال برآمد ڪيو وڃي، چوپائي مال جي ٽيگنگ جو جديد نظام متعارف ڪرايو وڃي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته لائيو اسٽاڪ شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪارپوريٽ طرز تي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، ان مقصد جي لاءِ شعبي ۾ نجي ماهرن جي تجربي مان فائدو کنيو وڃي. هن چيو ته ملڪي زرعي شعبي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ لائيو اسٽاڪ تي ٻڌل آهي، شعبي ۾ روانگي واپار جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، ملڪ مان منهن کُر جي بيماري جي خاتمي جي لاءِ مقرر هدفن سان گڏ حڪمت عملي ايندڙ ٻن هفتن ۾ جوڙي پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ قائم ذبح خانن جي عالمي سرٽيفڪيشن يقيني بڻائي وڃي، ذبح خانن جي عالمي معيار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته لائيو اسٽاڪ ۾ بيمارين جي خاتمي جي لاءِ قومي غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته گوشت ۽ لائيو اسٽاڪ جي برآمدي صنعت جي وڌيڪ ترقي جي لاءِ پوري ويليو چين جي بهتري تي ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم گوشت، لائيو اسٽاڪ ۽ ان سان واڳيل برآمدات جا هدف مقرر ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي لائيو اسٽاڪ شعبي جي مجموعي صلاحيت جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اٽڪل 245 ملين چوپايو مال موجود آهي جنهن جي مجموعي ماليت اٽڪل 5.5 کرب رپيا بڻجي ٿي. لائيو اسٽاڪ شعبو قومي معيشت ۾ 14.97 سيڪڙو ۽ زرعي معيشت ۾ 63.6 سيڪڙو حصو رکي ٿو جڏهن ته ساليانو اٽڪل 74.69 ملين ٽن کير ۽ 6.31 ملين ٽن گوشت پيدا ٿئي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جا اٽڪل 80 لک ڳوٺاڻا خاندان لائيو اسٽاڪ سان واڳيل آهن جڏهن ته ننڍي پئماني تي چوپايو مال پالڻ جو رجحان ۽ وکريل سپلاءِ چين برآمدي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۾ رڪاوٽ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گوشت جي برآمدات ۾ نمايان اضافو ڪرڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. مالي سال 26 – 2025ع ۾ گوشت جي برآمدات اٽڪل 530 ملين ڊالر رهي جڏهن ته موجوده برآمدات جو وڏو حصو نار ملڪن کي وڃي ٿو جن ۾ گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت ۽ قطر شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملائيشيا، سعودي عرب، چين ۽ ٻيا ملڪ نئين ۽ توسيعي منڊين جي طور تي نمايان امڪان رکن ٿا. اجلاس ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ گوشت جي برآمدات وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو جن ۾ حيواني بيمارين جي نگراني بابت قومي پروگرام، انهن کان تحفظ ۽ جانورن جي ٽريس ايبلٽي، منهن کُر جي بيماري کان پاڪ زونز ۽ ڪمپارٽمنٽس جو قيام، ويڪسينيشن ۽ بيمارين جي ڊيجيٽل نگراني، ايڪسپورٽ گريڊ فارمز ۽ عالمي صحت ۽ حلال سرٽيفڪيشن جو نظام شامل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت فيڊ لاٽ فارمنگ، ڪولڊ چين، ڊي – بوننگ، ويليو ايڊيڊ مصنوعات ۽ برآمدي انفراسٽرڪچر کي فروغ ڏيڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته 2028ع تائين گوشت جي برآمدات ۾ وڌيڪ اضافي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.










