اسلام آباد - 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي غيرقانوني افغان طالبان رجيم کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ان جا نمائندا ڪيڏي بي شرمي سان پاڪستان کي جمهوريت جو درس ڏيڻ جي جسارت ڪري رهيا آهن. سومر ڏينهن ايڪس تي جاري پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ مرتضى سولنگي چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت ڪيل پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪئي، افغان عورتن …
مرتضى سولنگي پاران افغان طالبان تي پاڪستان کي جمهوريت جو درس ڏيڻ تي سخت تنقيد

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي غيرقانوني افغان طالبان رجيم کي شديد تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ان جا نمائندا ڪيڏي بي شرمي سان پاڪستان کي جمهوريت جو درس ڏيڻ جي جسارت ڪري رهيا آهن. سومر ڏينهن ايڪس تي جاري پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ مرتضى سولنگي چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت ڪيل پنهنجي واعدن جي خلاف ورزي ڪئي، افغان عورتن ۽ ٻارڙين جي بنيادي آزادين کي سلب ڪيو ۽ نسلي ۽ مذهبي اقليتن کي مسلسل نشانو بڻايو. هن چيو ته طالبان سالن کان بم حملن، آءِ اي ڊي حملن ۽ خودڪش دهشتگردي کانپوءِ اقتدار تي قبضو ڄمايو. مرتضى سولنگي چيو ته اها صورتحال انتهائي ستم ظريفي رکندڙ آهي، هڪ اهڙي حڪومت جيڪا “بندوق جي زور تي پنهنجو اختيار قائم ڪري ٿي” ان کي پاڪستان جي جمهوري حيثيت تي سوال اٿارڻ جي “ديده دليري” ڪيئن ٿي آهي. هن پاڪستان قائم ٿيڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي رياست آهي جيڪا ڪروڙين عوام جي مرضي ۽ مقبول حمايت جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي.










