رياض- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير رياض ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود (رٽائرڊ) هلال امتياز (ملٽري) کي …
رياض ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت هنگامي اجلاس، پاڪستان پاران سعدي عرب سان مُڪمل يڪجهتي جو اظهار
رياض- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير رياض ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود (رٽائرڊ) هلال امتياز (ملٽري) کي مڪه الائنس فار ڊفينس جي پهرين سيڪريٽري جنرل طور نامزدگي جي توثيق ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ مقدس شهرن مڪه مُڪرمه ۽ مدينه منوره کي نشانو بڻائڻ جي ڪوششن ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب خلاف جاري حملن جي سخت مذمت ڪئي وئي. ٽنهي ملڪن خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار پُڻ ڪيو. اجلاس دوران پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو اظهار ڪندي مُلڪ جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايو. پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوششُون جاري رکڻ جي عزم کي به ورجايو.












