نوجوان محققن ۽ سائنسدانن کي جديد علم، عملي مهارتن ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ذريعي مستقبل جي عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو وڃي: خالد حسين مگسي

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته نوجوان محققن ۽ سائنسدانن کي جديد علم، عملي مهارتن ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ذريعي مستقبل جي عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو وڃي، اقتصادي ترقيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جون تاريخي ڪاميابيون اسان جي قومي صلاحيت جو اظهار آهن. پاڪستان جا نوجوان فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ پوري …

اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته نوجوان محققن ۽ سائنسدانن کي جديد علم، عملي مهارتن ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ذريعي مستقبل جي عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو وڃي، اقتصادي ترقيءَ جي ميدان ۾ پاڪستان جون تاريخي ڪاميابيون اسان جي قومي صلاحيت جو اظهار آهن. پاڪستان جا نوجوان فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ پوري دنيا ۾ پنهنجي هاڪ مڃرائي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن نيشنل سينٽر فار فزڪس اسلام آباد ۾ 5 ڏينهن واري 19هين انٽرنيشنل سمپوزيم آن ايڊوانسڊ مٽيريلز 2005ع جي پڄاڻيءَ واري تقريب خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو سائنسي مستقبل روشن ۽ ترقيءَ جي راهن تي گامزن آهي، اسان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ اهن. هن چين جو مثال ڏيندي چيو ته مسلسل سکڻ ۽ جدت جي عمل سان هو عالمي ٽيڪنالاجي جي قيادت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ايڊوانسڊ مٽيريلز فورم جي صدر مرزا رضوان بيگ به خطاب ڪيو. سمپوزيم سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي نمائش 5RISE 202 به منعقد ڪئي وئي. روس، ملائيشيا، چين، انڊونيشيان، ترڪي ۽ ناروي سميت مختلف ملڪن جي 20 کان وڌيڪ عالمي ماهرن ISAM-2025 ۾ شرڪت ڪئي. نمائش ۾ قومي ۽ عالمي ادارن ۽ صنعتي حصيدارن طرفان سائنسي ۽ تحقيقي ڪاميابيون ۽ جديد شيون پيش ڪيون ويون. بين الاقوامي نمائندن پاڪستان جي وڌندڙ سائنسي نظام، نوجوان محققن جي صلاحيتن ۽ تحقيقي ادارن جي معيار کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان حڪومت جي ان اعلان جي به آجيان ڪئي ته قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ نيشنل سينٽر فار ايڊوانسڊ مٽيريلز قائم ڪيو ويندو جنهن کي ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي نالي سان جوڙيو ويندو ته جيئن ملڪ جي پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ان جي عظيم خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي. هي سمپوزيم پاڪستان ايڊوانسڊ مٽيريلز فورم جي انتظام هيٺ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سڄي دنيا مان ناليوارن سائنسدانن، انجنيئرن، محققن ۽ صنعتي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں