چترال – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي، عوام جي خوشحالي، دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام پاڪستان جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي وساري نه ٿيون سگهجن، نوجوانن کي علم ۽ هنر سان ليس ڪري ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻينداسين، چترال ۾ دانش اسڪول وفاقي حڪومت جو …
وزيراعظم پاران ملڪي ترقي، عوام جي خوشحالي، دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻ جي دعوت

مزید خبریں
چترال – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي، عوام جي خوشحالي، دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي جي لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام پاڪستان جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن اهي وساري نه ٿيون سگهجن، نوجوانن کي علم ۽ هنر سان ليس ڪري ملڪي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻينداسين، چترال ۾ دانش اسڪول وفاقي حڪومت جو تحفو آهي، گئس پلانٽ فوري طور تي هنيو ويندو، اپر چترال ۾ اسپتال قائم ۽ بجلي جي ٽيرف جو معاملو حل ڪيو ويندو. هو دانش اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري ريهو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام ۽ اعليٰ وفاقي ۽ صوبائي عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چترال خيبرپختونخواهه جو خوبصورت علائقو آهي، صوبي جي بهادر ۽ غيرتمند عوام پاڪستان جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون، خيبرپختونخواهه ۽ چترال جي حب الوطني بي مثال آهي، خيبرپختونخواهه جي عوام جون ترقي ۽ يڪجهتي جي لاءِ ڪوششون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته محدود تعليمي سهولتن جي باوجود چترال جي عوام تعليم يافته ۽ مهذب آهي. وزيراعظم چيو ته کيس ڪنهن چترال جي لاءِ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي لاءِ ناهي چيو، اهو سندس ويزن آهي ته پاڪستان جي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ بهترين ۽ جديد تعليمي سهولتون دستياب هجن، هي منصوبو سندن تحفو آهي. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول سان هوشيار ٻارن کي بهترين، جديد ۽ مفت تعليمي سهولتون ملنديون، وفاقي وسيلن سان ڏورانهن علائقن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، اهو ڪنهن تي احسان نه آهي، رياست جو فرض آهي، دانش اسڪولز ۾ ايچي سن جي معيار جي تعليم ڏني پئي وڃي ۽ غريب، يتيم ۽ عام ماڻهو جا ٻار به هتي مفت تعليمي سهولتون حاصل ڪري سگهن ٿا، ايندڙ سال چترال ۾ دانش اسڪول جو افتتاح ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هن گذريل ڏينهن شاگردن جي لاءِ ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ جي اسڪيم جاري ڪئي آهي، اهي ليپ ٽاپ چترال جي هوشيار شاگردن کي پڻ ملندا. وزيراعظم چيو ته هن سهيل آفريدي کي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجڻ تي فون ڪري مبارڪباد ڏني، کيس آڇ ڪئي ته گڏجي ترقي، خوشحالي، بدامني ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪريون، وفاق ان سان مڪمل تعاون ڪندو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته وڏو وزير سندس آڇ قبول ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن ۽ نوجوان افرادي قوت جي صورت ۾ قيمتي سرمائي سان مالامال آهي، انهن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم چيو ته مئي ۾ چئن ڏينهن جي جنگ ۾ پاڪستان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني. هن پاڪ فوج جي بهادري ۽ مهارتن کي سلام پيش ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج پنهنجي صلاحيتن کي اهڙو مڃرايو جو اڄ دنيا ان جي معترف آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، امن جي لاءِ ان جو ڪردار تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، جنگبندي نه ٿئي ها ته تمام گهڻو جاني نقصان ٿئي ها. وزيراعظم سڀني کي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان کي ملڪي ترقي جي لاءِ هڪ ٿيڻو پوندو. وزيراعظم عوامي مطالبي تي اپر چترال ۾ جلد اسپتال ٺاهڻ، چترال جي لاءِ گئس پلانٽ فوري طور تي لڳائڻ، اپتر چترال جي لاءِ بجلي جي ٽيرف جو معاملو حل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن رستن جي تعمير جي حوالي سان اعلان ڪيو ته چترال بوني شندور 153 ڪلوميٽر روڊ تي ڪم جاري آهي، ايندڙ سال ڊسمبر تائين چترال ايون 46 ڪلوميٽر روڊ ايندڙ سال مئي تائين مڪمل ڪيو ويندو، لواري ٽنل جي اتر تائين پهچ جو 7 ڪلوميٽر حصي جو ڪم پڻ مڪمل ٿي چڪو آهي، ان کانسواءِ به چترال ۾ رستن جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم اپر چترال جي لاءِ وفاق پاران يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم تختي جي نقاب ڪشائي ڪري چترال ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چترال ۾ دانش اسڪول قائم ڪرڻ وزيراعظم جو ويزن آهي، صوبي جي 36 ضلعن ۾ هي سڀ کان پهريون دانش اسڪول هوندو. هن وزيراعظم جي انتظامي، سفارتي، معاشي ۽ جنگي حڪمت عملين کي ساراهيندي چيو ته شهباز شريف ثابت ڪيو ته هو نه رڳو سٺو منتظم آهي پر سفارتي مشنز ۽ جنگي محاذ تي پڻ ڪامياب ۽ سرخرو ٿيو، اڄ دنيا ۾ هر جڳهه تي سندس اهو استقبال ٿي رهيو آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي، سندس تيزي سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت عالمي سطح تي شهباز اسپيڊ جي نالي سان مشهور ٿي چڪي اهي، وزيراعظم فيلڊ مارشل سان گڏجي ڀارت سان جيڪا جنگ وڙهي ان ثابت ڪري ڇڏيو ته هو هڪ بهترين جنگجو به آهي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي دانش اسڪول جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته چترال ۾ 5 سئو کان 7 سئو جي لڳ ڀڳ شاگردن جي لاءِ دانش اسڪول نه رڳو جديد تعليمي پر رهائشي سهولتن ۽ راندين جي ميدانن کان وٺي اي لائبريري، سائنس ليبارٽريز ۽ آڊيٽوريم پڻ هوندو.











