اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن تي بنيادي ڍانچي جي سهولتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير، ميري ٽائيم جي سيڪريٽريز ۽ ناڻي واري وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏوگڏ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن تي بنيادي ڍانچي جي سهولتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن تي بنيادي ڍانچي جي سهولتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير، ميري ٽائيم جي سيڪريٽريز ۽ ناڻي واري وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏوگڏ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي. ڪميٽي جدت جي تازي ڪوششن جو جائزو ورتو جنهن سان ڪارگو جي چرپر ۾ اضافو ۽ ڏيتي ليتي جي خرچن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اجلاس ۾ جديد آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ سلوشنز جي ذريعي پورٽ آپريشنز ۾ مستقبل جي بهتري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم سڌارن جي فوري لاڳو جي هدايت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ بندرگاهن جي موثر ۽ ڪفايت شعاري ٿيندي.











