شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شرم الشيخ ۾ غزه جي حوالي سان امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني پاران گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق
شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شرم الشيخ ۾ غزه جي حوالي سان امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي ٻطرفي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان قطر تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير جي مثالي قيادت، سفارتڪاري ۽ ٻين ڀائر ملڪن سان تعاون کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ شرم الشيخ ۾ تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ممڪن ٿيون. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم غزه جي بحران جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ قطر جي مسلسل ڪوششن کي پڻ ساراهيو. امن معاهدي سان لکين فلسطينين جي لاءِ پنهنجي زندگين کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اميد پيدا ٿي آهي. وزيراعظم 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل ۽ القدس الشريف جي بطور گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حق ۾ پاڪستان جي پراڻي موقف تي زور ڏنو. هن فلسطيني عوام جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير پاڪستان جي يڪجهتي ۽ فلسطين بابت اصولي موقف تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري جو مستقل ڌيان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. گذريل هڪ مهيني ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ هي چوٿين ملاقات آهي. سيپٽمبر ۾ وزيراعظم جي دوحه جي دوري ۽ ان کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ پڻ سندن ملاقات ٿي هئي.








