اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻٽي استعمال جي شين جي لاءِ يورپي يونين جي پي ٽو پي ايڪسپورٽ ڪنٽرول پروگرام تحت تاجڪستان جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو اسٽڊي ورڪشاپ 15 کان 16 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويو، پنج اهم سيشنز تي ٻڌل ورڪشاپ جو افتتاح ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ورڪشاپ جو گڏيل طور تي …
ٻٽي استعمال جي شين جي لاءِ يورپي يونين جي پي ٽو پي ايڪسپورٽ ڪنٽرول پروگرام تحت تاجڪستان لاءِ ٻن ڏينهن وارو اسٽڊي ورڪشاپ منعقد
اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻٽي استعمال جي شين جي لاءِ يورپي يونين جي پي ٽو پي ايڪسپورٽ ڪنٽرول پروگرام تحت تاجڪستان جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو اسٽڊي ورڪشاپ 15 کان 16 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويو، پنج اهم سيشنز تي ٻڌل ورڪشاپ جو افتتاح ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) سفير عائشه علي ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ورڪشاپ جو گڏيل طور تي انعقاد پرڏيهي وزارت جي اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڊويزن، يورپي يونين ۽ اقتصادي معاملن ۽ ايڪسپورٽ ڪنٽرول بابت جرمن وفاقي آفيس ڪيو. ورڪشاپ ۾ پاڪستان، تاجڪستان ۽ اقتصادي معاملا ۽ ايڪسپورٽ ڪنٽرول بابت جرمن وفاقي آفيس جي سينيئر عملدارن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي جن قومي اسٽريٽجڪ واپاري ڪنٽرول جي فريم ورڪ بابت تجربن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپيل عالمي ذميوارين بشمول گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 موجب ٻٽي استعمال جي شين ۽ ٽيڪنالاجيز جي جائز واپار ۾ عالمي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افتتاحي خطاب ۾ عائشه علي پرامن مقصدن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ٻٽي استعمال جي شين ۽ ٽيڪنالاجيز تائين پهچ جي اسرندڙ ملڪن جي حق تي زور ڏنو. هن قومي سلامتي جي گهرجن ۽ جائز واپار ۾ سهولتڪاري جي وچ ۾ مناسب توازن برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن عدم ڦهلاءُ ۽ هٿيارن جي خاتمي بابت پنهنجي عالمي ذميوارين جي تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ حساس ٽيڪنالاجيز جي نگراني ۽ انتظام جي حوالي سان پاڪستان جي ذميواراڻي طرزعمل کي اجاگر ڪيو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڊويزن هارون رشيد ٻٽي استعمالج ي شين ۽ ٽيڪنالاجيز جي منتقلي تي موثر ڪنٽرول جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪيو. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي جامع قانونسازي، ضابطاجاتي ۽ انتظامي ايڪسپورٽ ڪنٽرول فريم ورڪ کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد حساس شين ۽ ٽيڪنالاجيز جي غير پرامن مقصدن جي لاءِ غلط استعمال کي روڪڻ آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائرز گروپ، ميزائيل ٽيڪنالاجي ڪنٽرول رجيم ۽ آسٽريليا گروپ جي لاڳاپيل رهنما هدايتن ۽ ڪنٽرول لسٽس جي رضاڪاراڻي طور تي پابندي ڪري ٿو جيڪو عالمي بهترين طريقيڪار موجب ايڪسپورٽ ڪنٽرول جو معيار برقرار رکڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي قومي ايڪسپورٽ ڪنٽرول نظام بشمول لائيسنسنگ ۽ لاڳو جي طريقيڪار کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته تجربن ۽ بهترين طريقيڪار جي مٽاسٽا جي لاءِ پڻ پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو. ورڪشاپ جو مقصد اسٽريٽجڪ واپاري ڪنٽرول جي حوالي سان سرحد پار تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ موثر ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ طريقيڪار جي ذريعي محفوظ ۽ جائز واپار کي فروغ ڏيڻ به آهي.







