راولپنڊي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ وڪيلن جو رشتو حڪومتن ۽ وزارتن جو ناهي، پر پيشيوراڻي وابستگي جو آهي، وڪيل جو يونيفارم سندس شخصيت جو حصو آهي ۽ يونيفارم جي عزت ۾ ئي وڪيل جي عزت آهي، وڪيلن جو بنيادي مقصد پنهنجي پيشي جي عزت، وقار ۽ اخلاقي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن …
وڪيلن جو بنيادي مقصد پنهنجي پيشي جي عزت، وقار ۽ اخلاقي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي: قانون وارو وفاقي وزير
راولپنڊي-17 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ وڪيلن جو رشتو حڪومتن ۽ وزارتن جو ناهي، پر پيشيوراڻي وابستگي جو آهي، وڪيل جو يونيفارم سندس شخصيت جو حصو آهي ۽ يونيفارم جي عزت ۾ ئي وڪيل جي عزت آهي، وڪيلن جو بنيادي مقصد پنهنجي پيشي جي عزت، وقار ۽ اخلاقي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سندس هميشه موقف رهيو آهي ته بار جي سياست کي قومي سياست کان ڌار رکيو وڃي، سياست ۽ سياسي وابستگي هر شخص جو آئيني حق آهي، هر شخص جي ڪٿي نه ڪٿي سياسي وابستگي هوندي آهي، جڏهن ته بار ۽ وڪيلن جي معاملن ۾ پيشيوراڻي مفادن ۽ وقار کي مٿانهون رکڻ گهرجي. اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان اهي ماڻهو آهيون جن پنهنجي ئي گهر جي صفائي ۽ حفاظت ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي، اسان جو پهريون مقصد پنهنجي گهر جي حفاظت ۽ بهتري آهي، 10 سالن کانپوءِ سڀئي ياد ڪندا ته جيڪي سڌارا اسان ڪيا اهي ڪيترا لاڀائتا هئا. وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي اسلام آباد بارز مان کين طاقت ملي ٿي، پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ لائرز پروٽيڪشن ايڪٽ بڻايو ويو جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان بار ڪائونسلز جي سالياني گرانٽ وڌائي 80 ڪروڙ روپيا ڪئي وئي آهي، جنهن جو حساب موجوده آهي، پنجاب حڪومت به صوبائي بارز جي گرانٽ ٻيڻي ڪري هڪ ارب روپين تائين ڪري ڇڏي آهي، 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن معاملي ۾ اسان 20 سال اڳ ئي سکي ورتو هو، پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي، ڪهڙي ڳالهه ٿئي ها ته اڳ ئي وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي وڃي ها جنهن ۾ هر صوبي جي برابر نمائندگي هوندي، هن چيو ته ڪنهن به صوبي مان چار ججز نٿا ٿي سگهن، هر صوبي مان ٽي ۽ هڪ اسلام آباد مان هوندو، آئين جي تشريح جا معاملا آئيني عدالت حوالي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 27 هين ترميم ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي ته ڪهڙي عدالت ڪهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، هاڻي ان بحث کي وڌيڪ الجهائڻ جي ضرورت ناهي، وفاقي وزير چيو ته بار جي تحفظ ۽ عزت لاءِ سمورن وڪيلن کي گڏ ٿيڻو پوندو، عدالتن جي ري ڊزائيننگ جي حوالي سان هن چيو ته ان جا معاملا بنا ڪنهن گوڙ گهمسان جي حل ٿيا، ايندڙ هفتي ٻه ڪروڙ روپيا هاءِ ڪورٽ بار جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويندا ته جيئن تعمير هيٺ منصوبا جلد مڪمل ڪري سگهجن.







